بلاول جو ويزن عوام جي خدمت آهي، ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون: ناصر حسين شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جو ويزن عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، چيئرمين جي ويزن جي پورائي لاءِ سنڌ جو وڏو وزير ۽ سندس پوري ٽيم ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.
مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏ ڪورنگي نمبر 5 فلاءِ اوور جو افتتاح ڪيو.
ناصر حسين شاهه چيو ته وڏين وڏين اسڪيمن تي ڪم ڪري حڪومت عوام تي ڪو ٿورو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري جو جذبو عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ اسان به ساڳئي جذبي تحت پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ انڊس اسپتال جو سڀ کان وڏو ڊونر سنڌ حڪومت آهي.
سندس چوڻ هو ته هن خطي جو سڀ کان وڏو آٽزم سينٽر ڪورنگي شاهراهه ڀٽو تي تعمير ڪيو پيو وڃي، جنهن جو نالو ”انڪلوزيو سٽي“ رکيو ويندو.
ناصر حسين شاهه چيو ته انڊسٽريل ايريا ۾ ڏنل فنڊن جي حوالي سان صنعتن جا مالڪ قابل احترام آهن، چيئرمين جي حڪم تي سنڌ جي وڏي وزير صنعتي علائقن کي فنڊ ڏنا ته جيئن اتي بهتري اچي ۽ روزگار جا موقعا وڌن، ڪورنگي ۽ لانڍي جي ٻن انڊسٽريل ايرياز لاءِ مجموعي طور 4 ارب رپيا ڏنا ويا آهن. انهن فنڊن جو مقصد صنعتي علائقن ۾ بهتري آڻڻ ۽ روزگار ۾ واڌارو ڪرڻ آهي.
ناصر حسين شاهه چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جو نعرو اٽو، لٽو ۽ اجهو هو ۽ بلاول ڀٽو زرداري به ساڳئي نعري کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، اسان سڀني کي گڏ کڻي هلون ٿا ۽ اهو ئي پيپلز پارٽي جو منشور آهي.
هن وڌيڪ ميئر ڪراچي هجي يا سنڌ جو وڏو وزير، اهي ميڊيا ۽ پروٽوڪول کانسواءِ به رات دير سان ڪراچي جو دورو ڪندا آهن.

You might also like