ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم پهريون ڀيرو ان سوال تي وضاحت پيش ڪئي آهي ته سندس گهرواري شنيزا اڪرم ساڻس گڏ حج جي ادائيگي لاءِ ڇو نه وئي.
هڪ تازي پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي وسيم اڪرم ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي کيس بار بار ان حوالي سان سوالن کي منهن ڏيڻو پيو.
سندس چوڻ هو ته سندس خيال ۾ شنيزا لاءِ پهريون قدم عمرو هئڻ گهرجي، جيئن هوءَ هن روحاني سفر کي بهتر انداز ۾ سمجهي سگهي، ان کان پوءِ ٻئي گڏجي حج ادا ڪندا.
ان موقعي تي شنيزا اڪرم پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته هوءَ چاهي ٿي ته وسيم اڪرم هي روحاني سفر پهريان اڪيلو مڪمل ڪري.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هوءَ گڏ هجي ها ته ممڪن هو ته وسيم اڪرم جو ڌيان عبادت بدران سندس سار سنڀال تي کتل هجي ها.
شنيزا واضح ڪيو ته هوءَ مستقبل ۾ ضرور پنهنجي مڙس سان گڏ حج تي ويندي.
وسيم اڪرم حج جي تجربي کي پنهنجي زندگي جو هڪ يادگار ۽ روحاني طور تبديل ڪندڙ لمحو قرار ڏيندي چيو ته هي سفر هن پنهنجي لاءِ هڪ خاص تحفي طور ڪيو هو.
ياد رهي ته وسيم اڪرم ۽ شنيزا اڪرم جي شادي آگسٽ 2013 ۾ ٿي هئي ۽ سندن هڪ ڌيءَ عائله پڻ آهي.
شنيزا اڪرم پاڪستان سان پنهنجي محبت ۽ سماجي مسئلن تي آواز اٿارڻ سبب مداحن ۾ مقبول آهي ۽ اڪثر کيس محبت سان ”قومي ڀاڄائي“ پڻ چيو ويندو آهي.