وينزويلا ۽ آمريڪا وچ ۾ ”تاريخ جو سڀ کان وڏو تيل معاهدو“

وينزويلا (ويب ڊيسڪ) وينزويلا جي عبوري صدر ڊيلسي روڊريگيز آمريڪا سان طئي ٿيل تيل جي معاهدي جي منظوري ڏيندي ان کي تاريخي معاهدو قرار ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، وينزويلا جي عبوري صدر ڊيلسي روڊريگيز جو خيال آهي ته معاهدي سان ملڪ جي معاشي بحالي ۾ اهم اڳڀرائي متوقع آهي ۽ ملڪ کي 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ سيڙپڪاري، جڏهن ته 209 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٽيڪس آمدني حاصل ٿي سگهي ٿي.
اهو اعلان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ سبب عالمي تيل جي فراهمي دٻاءَ جو شڪار آهي، جڏهن ته آمريڪا ۾ نومبر جي مڊٽرم چونڊن کان اڳ ٻارڻ جون وڌندڙ اگهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ هڪ وڏو سياسي چئلينج بڻيل آهن.
صدر ٽرمپ ان کان اڳ چئي چڪو آهي ته هي معاهدو واشنگٽن کي وينزويلا جي 65 ارب بيرل ثابت ٿيل تيل جي ذخيرن تائين اهم رسائي فراهم ڪندو. هن ان کي دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو تيل جو معاهدو پڻ قرار ڏنو هو.
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جو چوڻ آهي ته هن معاهدي جي نتيجي ۾ وينزويلا ۾ لڳ ڀڳ 100 ارب ڊالر جي پرائيويٽ سيڙپڪاري متوقع آهي، جيڪا ملڪي معيشت جي ٻيهر تعمير ۽ توانائي جي شعبي جي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، تيل جي ذخيرن تي ڪنٽرول يا ملڪيت جي منتقلي جا تفصيل اڃا واضح نه ڪيا ويا آهن.
آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ايگزيُوس موجب، ٻنهي ملڪن وچ ۾ 12 آئل فيلڊز بابت ڳالهيون جاري آهن، جن ۾ مجموعي طور لڳ ڀڳ 90 ارب بيرل ثابت ٿيل تيل جا ذخيرا موجود آهن.
رپورٽ موجب، ڪيترين ئي خانگي ڪمپنين، جن ۾ آمريڪي ڪمپنيون پڻ شامل آهن، انهن شعبن جي ترقي ۽ پيداوار وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

You might also like