نيپال ۾ ٻوڏ جا هاڃا، فوتين جو انگ 538 ٿي ويو، 517 پرڏيهي شهرين سميت 977 گم

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ): نيپال جي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ايجنسي جو چوڻ آهي ته ٻوڏ جي تباهڪارين سبب هن وقت تائين 538 فوت ٿيل ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.
نيپالي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ کانپوءِ امدادي ۽ بحالي جون ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته فوتگين جي انگ ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.
اداري گم ٿيل ماڻهن جي انگ بابت چيو آهي ته 977 ماڻهو اڃا تائين گم آهن، جن ۾ 517 پرڏيهي شهري پڻ شامل آهن.
ان کان اڳ نيپال پوليس اربع ڏينهن آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ 489 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي.
ٻنهي ادارن طرفان ريسڪيو آپريشن بابت الڳ الڳ اپڊيٽس جاري ڪري ڪيون پيون وڃن، ڇاڪاڻ ته امدادي ڪارروايون مسلسل جاري آهن.

You might also like