سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ هندو برادري اڄ راکيءَ جو ڏڻ ملهائي رهي آهي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ هندو برادري طرفان رکشا ٻنڌڻ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.
ڀينرون ڀائرن کي راکي ٻڌي سندن خوشحالي ۽ ڊگهي ڄمار لاءِ پراٿنائون ڪري رهيون آهن، جڏهن ته ڀائر به ڀينرن جا سڄي ڄمار راکا بڻجي سندن تحفظ ڪرڻ جا وچن ڏئي رهيا آهن.
ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي سميت ٻين شهرن ۾ رکشا ٻنڌڻ جون تقريبون ڪوٺايو ويون، جتي ڀينرن پنهنجي ڀائرن کي راکيون ٻڌيون.

You might also like