سنڌ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ وحدت آهي، آئيني حق ڏنو وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان پيٽروليم واري واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران سنڌ جي گئس ۽ توانائي سان لاڳاپيل اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ وڏي وزير سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ سيڪريٽري توانائي شهاب انصاري پڻ موجود هئا.
وفاقي سيڪريٽري پيٽروليم حامد شيخ، ايڊيشنل سيڪريٽري ظفر عباس به ملاقات ۾ شريڪ هئا.
ايم ڊي سوئي سدرن گئس ڪمپني امين راجپوت، ايم ڊي پي ايس او جواد چيما ۽ ٻيا اختيارين وفاقي وفد ۾ شامل هئا.
ملاقات دوران حيدان بلاڪ، اسٽرينڊڊ ۽ ڊورمنٽ گئس فيلڊز ۽ سوهو ۽ ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊز تي تفصيلي غور ڪيو ويو.
وڏي وزير حيدان بلاڪ سنڌ انرجي هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ کي الاٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سيد مراد علي شاهه چيو ته حيدان بلاڪ جي الاٽمينٽ لاءِ سنڌ حڪومت ڪيترائي خط لکي چڪي آهي، پر وفاقي فيصلو اڃا تائين التوا هيٺ آهي.
وڏي وزير چيو ته صنعتي ترقي لاءِ اسٽرينڊڊ ۽ ڊورمنٽ گئس فيلڊز سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ بهتر هوندو.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي صنعتن کي توانائي جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ گئس وسيلن جو اثرائتو استعمال ضروري آهي.
وڏي وزير مطالبو ڪيو ته سوهو دريافت ۽ ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ مان گئس جي فراهمي آئين جي آرٽيڪل 158 تحت سنڌ کي ڏني وڃي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ وحدت آهي، ان ڪري صوبي جي آئيني حقن جو احترام ڪيو وڃي.
وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته سنڌ جي گئس وسيلن بابت صوبائي حڪومت جي موقف ۽ تجويزن کي اهميت ڏيون ٿا.
وفاقي وزير پيٽروليم چيو ته حيدان بلاڪ، گئس الاٽمينٽ ۽ ٻين التوا هيٺ معاملن جو ترجيحي بنيادن تي جائزو ورتو ويندو.
علي پرويز ملڪ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل سهڪار سان توانائي واري شعبي ۾ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.
ملاقات دوران ايس ايس جي سي جي خديجي بيس ڪئمپ لاءِ زمين جي معاملي ۽ نون گئس ڪنيڪشنز سان لاڳاپيل معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو.
وڏي وزير سنڌ لاڳاپيل صوبائي کاتن کي ايس ايس جي سي سان لاڳاپيل التوا هيٺ معاملن کي جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪئي.
وڏي وزير چيو ته عوام ۽ صنعتن کي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ ادارن وچ ۾ مؤثر رابطي ۽ سهڪار ضروري آهي.

You might also like