هاڻي پاسپورٽ نادرا آفيس مان به ٺهرائي سگهبو!

گهرو معاملن واري وزير محسن نقوي نادرا ميگا سينٽر ۾ پاسپورٽ آفيس جي سهولت فراهم ڪرڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو

گوجرانوالا ۾ نادرا ميگا سينٽر جي دوري دوران گهرو معاملن واري وزير چيو ته تمام جلد نادرا ميگا سينٽر ۾ پاسپورٽ جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي.

گهرو معاملن واري وزير شهرين سان فرداً فرداً ملاقات ڪئي ۽ شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جي عمل بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. شهرين نادرا ميگا سينٽر ۾ فراهم ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نادرا سينٽر ۾ جلد وارو اچي ويندو آهي ۽ گهڻو انتظار نه ڪرڻو پوندو آهي.

محسن نقوي مختلف ڪائونٽرن جو دورو ڪيو ۽ عملي سان به ملاقات ڪئي، جڏهن ته انفارميشن ڊيسڪ جو پڻ جائزو ورتو. ان موقعي تي گهرو معاملن واري وزير هدايت ڪئي ته شهرين جي هر ممڪن طريقي سان رهنمائي ڪئي وڃي ۽ کين سموري معلومات فراهم ڪئي وڃي.

وفاقي گهرو معاملن واري وزير ڪجهه شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي انهن جي فوري ازالي لاءِ حڪم جاري ڪيا ۽ چيو ته نادرا ميگا سينٽر ۾ رش باوجود عملو بهتر نموني ڪم سنڀالي رهيو آهي.

محسن نقوي نادرا ميگا سينٽر جي عملي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.

You might also like