اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير جو ايران جو دورو صدر ٽرمپ يا آمريڪا جي نمائندي جي حيثيت سان نه هو.
رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان چيو ته وزيراعظم بشڪيڪ ۾ ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، جتي هو ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. پاڪستان هڪ سال لاءِ ايس سي او جي چيئرمين شپ سنڀالي آهي ۽ 2027ع ۾ اسلام آباد ۾ ايس سي او ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو.
طاهر اندرابي چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جو ايران جو دورو صدر ٽرمپ يا آمريڪا جي نمائندي جي حيثيت سان نه هو، پر اهو پاڪستان جي جاري سفارتي ڪوششن جي پسمنظر ۾ هو. ايران ۾ هن ايراني اختيارين سان علائقي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ ڳالهين ذريعي حل ڳولڻ بابت ڳالهيون ڪيون.
پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان علائقي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ وچ اوڀر جي بحران جي حل لاءِ برادر ملڪن سان رابطن ۾ آهي. پاڪستان جون ڪوششون علائقي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ ۽ آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ لاءِ آهن. ايراني قيادت پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو آهي.