جرمني ۾ ايئرپورٽ هلائيندڙ ڪمپني فراپورٽ ملازمن ۾ مليريا پکڙجڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ شڪ ظاهر ڪيو آهي ته اهو انفيڪشن جولاءِ ۾ ڪنهن ٻئي علائقي کان آيل اڏام ذريعي پهتل مليريا جي مڇر جي چڪ سبب پکڙيو.
ميڊيا رپورٽن موجب جرمني ۾ مليريا عام طور تي ناياب آهي. هي بيماري سڌي ريت هڪ انسان کان ٻئي انسان ڏانهن منتقل نٿي ٿئي، تنهن هوندي به جرمن صحت جون اختيارين بيماري پکڙجڻ جي جاچ ڪري رهيا آهن.
ايئرپورٽ انتظاميا ملازمن لاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مڇر جي نسل ۽ ان جي اصل ماخذ جو پتو لڳائڻ لاءِ خاص ٽريپ پڻ لڳايو ويو آهي.
رپورٽ موجب هن وقت تائين پڪڙيل مڇرن کي تجزئي لاءِ ليبارٽريز موڪليو ويو آهي، ته جيئن انهن جي نسل ۽ ممڪن ماخذ جو تعين ڪري سگهجي.