اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) جمعت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته رياست ماءُ آهي، ۽ ماءُ پنهنجي اولاد کي جوڙيندي آهي، تقسيم ناهي ڪندي، صوبن کي ٽوڙڻ بدران انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي.اسلام آباد ۾ سيرت رحمت للعالمين ﷺ و پيغام جمعيت ڪنونشن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سيرت النبي ﷺ جي اجتماعن مان انسانيت لاءِ پيغام کي تازو ڪيو ويندو آهي. ڪاميابي يا ناڪامي اسان جي ذميواري ناهي، محنت ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. ظلم و جبر جي مقابلي ۾ عدل ۽ مساوات جو نظام رسول الله ﷺ جي تعليم آهي.مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پارليامينٽ کي بائي پاس ڪري قانون سازي ڪرڻ آئين ۽ جمهوريت لاءِ نقصانڪار آهي. هر اداري جي اختيار جي هڪ آئيني حد ۽ دائرو آهي، ملڪ جي نظام ۾ ادارن وچ ۾ اختيارن جو توازن ضروري آهي، پارليامينٽ ۾ اسان جي آواز قوم تائين پهچڻ نه ٿي ڏني وڃي.هن چيو ته دهشتگردي خلاف حڪمتِ عمليءَ تي نظرثاني ضروري آهي. جيڪڏهن مرض وڌندو وڃي ته سمجھڻ گهرجي ته حڪمتِ عمليءَ ۾ نقص آهي. رياست ماءُ آهي، ۽ ماءُ پنهنجي اولاد کي جوڙيندي آهي، تقسيم ناهي ڪندي. صوبن کي ٽوڙڻ بدران انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي، صوبن جي حقن ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪٽوتي نه ٿيڻ گهرجي. قوم، سياسي ۽ مذهبي پارٽين کي تقسيم ڪرڻ جي پاليسي ملڪي مفاد ۾ ناهي.مولانا فضل الرحمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئين ختم ٿيو ته ملڪ کي ٻيهر سنڀالڻ انتهائي ڏکيو ٿي پوندو. اسان آئين ۽ پارليامينٽ کي انهن جي اصل رستي تي هلائڻ چاهيون ٿا. 18هين ترميم هاڻي گلي جو ڪنڊو بڻيل آهي، ۽ ڪابينه جو اختيار ڪنهن ٻئي وٽ نه وڃڻ گهرجي.هن چيو ته اڄ اسان پنهنجن حقن لاءِ وڙهون ٿا. اسان جي ملڪ ۾ باهه لڳي پئي آهي، هن چيو ته آئين جو به احترام نه پيو ڪيو وڃي،اسٽيبلشمينٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قانون سازيون ٿي رهيون آهن،هميشه قوم تي خوف طاري ڪري ان کي بليڪ ميل ڪيو ويندو آهي،77 سالن ۾ ڪڏهن به اسلام اسان جي ترجيح ناهي رهيو،هن چيو ته آئين جو آرٽيڪل 243 موجب ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن جي مقرري وزيراعظم جي مشوري سان صدر مملڪت ڪندو،اسان ڪهڙو قانون پاس ڪيو اهي ته هاڻي جيڪا مقرري ٿيندي اهو اداري جو سڀ کان وڏو سربراهه ڪندو،آئينده ڪابه تبديلي يا قانون ضابطو بڻجندو ته ان جي ڪابينا تصديق ڪندي اتي به پارليامينٽ کي باءِ پاس ڪيو ويو آهي،هن چيو ته پاڪستان جي دفاع کي مضبوط ۽ طاقتور ڏسڻ چاهيون ٿا پر ان جي به هڪ حد هوندي آهي،هڪ دائرو هوندو آهي، هاڻي ڪابينا جو اختيار به انهن وٽ،پارليامينٽ جو اختيار به انهن وٽ،آئينده جا ناڪاري اثر خود انهن دفاعي ادارن تي پئجي سگهن ٿا، هن چيو ته اڄ حالت اها آهي ته اسان پارليامينٽ ۾ ڳالهه ڪريون ٿا ته قوم تائين اسان جو آواز پهچڻ ناهي ڏنو ويندو،هن چيو ته اڄ اسان پنهنجن حقن لاءِ وڙهون ٿا. اسان جي ملڪ ۾ باهه لڳي پئي آهي، نظام درهم برهم آهي، هن چيو ته دهشتگردي خلاف اسان آپريشن ڪري رهيا آهيون. پر مرض وڌي رهيو آهي، ان جو مطلب اهو آهي ته توهان جي حڪمت عملي ناڪام آهي، ان ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪو نقص آهي. توهان چاهيو ئي نٿا ته ملڪ ۾ ڪو آرام ٿئي. ۽ ايتري ناهلي، ۽ چئو ٿا ته رياست ماءُ آهي، رياست ماءُ آهي! ماءُ اها هوندي آهي جيڪا اولاد کي گڏ ڪندي آهي، اگر ان جي اولاد ۾ ڪٿي ڪو مسئلو پيدا ٿئي ٿو.هن چيو ته اسان کي الله اهڙي ماءُ عطا ڪئي آهي جيڪا قوم جي تقسيم ۽ انتشار جون پاليسيون ٺاهي ٿي. ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريوواري حڪمت عملي هلي رهي آهي، اها ماءُ ته ناهي هوندي، ڪا ڏائڻ هوندي. رياست کي ماءُ بڻايو، قوم کي هڪ قوم بڻايو.۽ ان حالت ۾ چون ٿا ته جيڪي صوبا پهرين کان بڻيل آهن انهن کي به ٽوڙيو،هن چيو ته اسان کي ته حڪمرانن جي نيت تي به شڪ آهي ته 18هين ترميم ۽ ان تي صوبن جا اختيار انهن جي ڳلي جو ڪنڊو بڻيل آهن، جڏهن صوبا ٽٽي ويندا ته پوءِ نئون معاهدو ڪرڻو پوندو، نئون اين ايف سي ايوارڊ ايندو.