صوبن کي ورهائڻ بدران انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي: مولانا فضل الرحمان

جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته صوبن کي ٽوڙڻ بدران انهن جو تحفظ ڪيو وڃي، اسان ملڪ جي خيرخواهي چاهيون ٿا.

ولادت النبي ﷺ جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته سيرت النبي ﷺ جي حوالي سان ٿيندڙ گڏجاڻين ذريعي انسانيت لاءِ رسول الله ﷺ جو پيغام تازو ڪيو ويندو آهي. قرآن پاڪ سان گڏ حڪمت جو به ذڪر آهي، حڪمت مان مراد رسول الله ﷺ جي سنت پڻ آهي. رسول الله ﷺ جو هر قول ۽ فعل ڪتاب ۽ سنت جو حصو آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته صحابه ڪرامؓ جي زندگي اسان لاءِ معيار آهي، جيڪو انهن کي حق جو معيار نٿو سمجهي، اهو گمراهه آهي. الله تعاليٰ انسان کي سندس وس آهر ذميوار بڻايو آهي. ڪاميابي يا ناڪامي اسان جي ذميواري ناهي، جڏهن ته دين لاءِ محنت ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي.

هن چيو ته اقتدار پاڻ ۾ ڪو مقصد ناهي، اقتدار جو مقصد عدل ۽ انصاف جو نظام لاڳو ڪرڻ هجڻ گهرجي. ظلم ۽ جبر جي مقابلي ۾ عدل ۽ برابري وارو نظام رسول الله ﷺ جي تعليم آهي. حڪمرانن کي الله ۽ رسول ﷺ جي فيصلن ۽ حڪمن جو احترام ڪرڻ گهرجي.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته اسلامي دنيا قدرتي وسيلن ۽ معدني ذخيرن سان مالامال آهي. رڳو سيرت النبي ﷺ تي ڳالهائڻ ڪافي ناهي، اسان کي رسول الله ﷺ جي اخلاق، تعليمات ۽ طرز حڪمراني کي اپنائڻو پوندو. ديني مدرسن جي تعليم کي ڏوهه قرار ڏيڻ قبول ناهي.

هن چيو ته پارليامينٽ کي باءِ پاس ڪري قانونسازي ڪرڻ آئين ۽ جمهوري نظام لاءِ نقصانڪار آهي. مضبوط ادارا ضروري آهن، پر هر اداري جي اختيار جي هڪ آئيني حد ۽ دائرو آهي. صوبن کي ٽوڙڻ بدران انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته صوبن جي حقن ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ گهٽتائي نه ٿيڻ گهرجي، اهڙي صورت ۾ صورتحال خراب ٿيندي. جيڪڏهن آئين ختم ٿيو ته ملڪ کي ٻيهر گڏ رکڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويندو. اسان ملڪ جي خيرخواهي، آئين ۽ پارليامينٽ کي انهن جي اصل رستي تي هلائڻ چاهيون ٿا.

هن چيو ته قوم، سياسي پارٽين ۽ مذهبي جماعتن کي ورهائڻ واري پاليسي ملڪ جي مفاد ۾ ناهي. ارڙهين ترميم هاڻي ڳچيءَ جو ڪنڊو بڻيل آهي، جنهن تحت اين ايف سي معاهدي ذريعي وسيلا صوبن ڏانهن وڃن ٿا. جيڪڏهن آئين ٽٽي ويو ته نئين آئين ساز اسيمبلي ٺاهڻي پوندي، جنهن کان پوءِ اهڙو انتشار پکڙجي سگهي ٿو، جنهن کي سنڀالڻ ڏکيو ٿي ويندو.

مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪابينا جا اختيار ڪنهن ٻئي ڏانهن منتقل نه ٿيڻ گهرجن، ان جا اثر وفاقي ادارن تي پئجي سگهن ٿا. اسان کلي ڳالهه ان ڪري ڪري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان ملڪ جا خيرخواه آهيون. اسان پارليامينٽ ۾ جيڪا ڳالهه ڪندا آهيون، اها عوام تائين پهچي نٿي سگهي.

You might also like