ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اٽلس هونڊا پراڻي هونڊا سي ڊي 70 موٽرسائيڪل مالڪن لاءِ نئين ايڪسچينج آفر متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن تحت گراهڪ پنهنجي پراڻي موٽرسائيڪل ڏئي نئين هونڊا سي ڊي 70 حاصل ڪري سگهندا.
آفر تحت پراڻي موٽرسائيڪل وڪڻڻ کان اڳ گراهڪن کي الڳ خريدار ڳولڻ جي ضرورت نه پوندي، جڏهن ته پراڻي موٽرسائيڪل جي قيمت نئين موٽرسائيڪل جي قيمت ۾ ايڊجسٽ ڪئي ويندي.
ايڪسچينج لاءِ گراهڪ کي پنهنجي پراڻي هونڊا سي ڊي 70 اٽلس هونڊا جي مجاز 3S ڊيلرشپ تي وٺي وڃڻي پوندي، جتي ڪمپني جي ٽيڪنيڪل عملي طرفان موٽرسائيڪل جي انجڻ، فريم، مشيني حالت، ماڊل ۽گڏيل ظاهري حالت جو جائزو ورتو ويندو. ان جائزي کانپوءِ پراڻي موٽرسائيڪل جو ايڪسچينج ملهه مقرر ڪيو ويندو.
مقرر ڪيل ايڪسچينج قيمت نئين هونڊا سي ڊي 70 جي قيمت مان گهٽائي ويندي ۽ گراهڪ کي رڳو باقي رقم ادا ڪرڻي پوندي. مثال طور، جيڪڏهن پراڻي موٽرسائيڪل جي قيمت 80 هزار رپيا مقرر ٿئي ۽ نئين سي ڊي 70 جي قيمت 159,900 رپيا هجي ته گراهڪ کي باقي 79,900 رپيا ادا ڪرڻا پوندا.
اٽلس هونڊا طرفان پراڻين موٽرسائيڪلن لاءِ ڪا مقرر ايڪسچينج قيمت نه رکي وئي آهي، تنهنڪري هر موٽرسائيڪل جي قيمت ان جي ماڊل، عمر، انجڻ، مشيني حالت ۽ مجموعي حالت مطابق مختلف ٿي سگهي ٿي.
ڪمپني جي اها سهولت خاص طور انهن موٽرسائيڪل مالڪن لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿي، جيڪي پراڻي موٽرسائيڪل جي روز روز مرمت، وڌندڙ سارسنڀال جي خرچن ۽ گهٽ ٿيندڙ ڪارڪردگي سبب نئين موٽرسائيڪل وٺڻ چاهين ٿا.
گراهڪن کي صلاح ڏني وئي آهي ته ايڪسچينج جي تفصيل، پراڻي موٽرسائيڪل جي قيمت ۽ لاڳو شرطن بابت پنهنجي ويجهي مجاز اٽلس هونڊا 3S ڊيلرشپ سان رابطو ڪن.