حضرت نوح عليه السلام جي ٻيڙيءَ کي انساني تاريخ ۾ ان ڪري بنيادي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته ان ئي عظيم طوفان دوران انسانن سميت زندگيءَ جي ڪيترين ئي قسمن کي بچائي زمين تي محفوظ رکيو ويو.
مشهور آهي ته هي ٻيڙي اوڀر ترڪي ۾ واقع ’’تندروڪ‘‘ جبل جي ’’دروپينار‘‘ نالي هنڌ تي بيٺي هئي، جنهن جي شڪل هڪ تمام وڏي ٻيڙيءَ جهڙي آهي.
ارضيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اها 515 فوٽ ڊگهي آهي ۽ ان جي بڻاوت قدرتي آهي، پر تازو ئي مشهور ترڪ نسل جي آمريڪي عسڪري سائنسدان ڊاڪٽر خسرو بختيار پنهنجي ايجاد ڪيل ’’بختيار ريڊار‘‘ ذريعي ان هنڌ هيٺ موجود زمين جو معائنو ڪيو آهي.
هي ريڊار برقي مقناطيسي شعاع خارج ڪري زمين هيٺ موجود سڀني شين کي ڳولي ڪڍي ٿو، جنهن مان خبر پئي ته هن هنڌ جي هيٺان واقعي هڪ ٻيڙي نما ڍانچو موجود آهي.
هن دريافت سڄي دنيا جي مذهبي حلقن ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر خسرو هاڻي پنهنجي ٽيم سان گڏ ان هنڌ تي کوٽائي ڪرڻ چاهي ٿو، ته جيئن زمين هيٺ موجود جيڪا به شيءِ آهي، ان کي دنيا آڏو آڻي سگهجي.
قرآن پاڪ ۾ ٻيڙيءَ جي بيهڻ واري هنڌ جو نالو ’’الجودي‘‘ آيو آهي، پر اهو قطعي طور تي واضح ناهي ته اهو هنڌ ڪٿي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مقامي ترڪ، تندروڪ جبل جي هڪ چوٽيءَ کي ’’الجودي‘‘ سڏين ٿا.