فيلڊ مارشل آمريڪي ڌمڪين جو نياپو نه کڻي آيو هو، اسلام آباد ذريعي تهران جو پيغام واشنگٽن پهچايو ويو: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني خابرو اداري تسنيم هڪ باخبر ذريعي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني فوج جو سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير پنهنجي تازي ايراني دوري دوران آمريڪا طرفان ڪو به ڌمڪائيندڙ يا اهڙي نوعيت جو پيغام کڻي نه آيو هو.
تسنيم نيوز موجب، ايراني ڳالهين واري وفد جي ويجهو سمجهيو ويندڙ ذريعي چيو ته ميڊيا جي ڪجهه دعوائن جي ابتڙ عاصم منير جو مقصد ڳالهين لاءِ رستو هموار ڪرڻ ۽ ايران جو موقف ۽ شرطون آمريڪي ڌر تائين پهچائڻ هو.
ذريعي موجب، آبناءِ هُرمُز بابت ايران جو موقف ۽ شرطون پاڪستان ذريعي واضح طور تي آمريڪا تائين پهچايون ويون آهن.
هن چيو ته ايراني شرطن ۾ آمريڪا جو اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ڏانهن واپسي ۽ ان جي شقن تي عملدرآمد شامل آهي، جنهن ۾ آرٽيڪل 5 تحت آبناءِ هرمز بابت ايراني انتظامن جو به ذڪر آهي.
ان کان اڳ وفاقي وزير گهرو معاملن محسن نقوي، جنهن فيلڊ مارشل عاصم منير سان گڏ ايران جو دورو ڪيو، ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات کي انتهائي هاڪاري ۽ تعميري قرار ڏنو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر به فيلڊ مارشل عاصم منير جي هڪ ڏينهن واري ايراني دوري جي پڄاڻيءَ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته ”ايراني اعليٰ اختيارين سان ڳالهين جو مرڪز آبناءِ هرمز کي کولڻ ۽ تڪرار جي خاتمي واري عمل کي تيز ڪرڻ هو.“

You might also like