اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ملڪ مان 10 رپين جو ڪرنسي نوٽ مرحليوار ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ اختيارين موجب نون ڪرنسي نوٽن جا ڊزائن فائنل ڪيا پيا وڃن.
سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران چيئرمين ڪميٽي چيو ته ٻه سال اڳ هن اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر کي 5 هزار رپين جا 3 نوٽ ڏنا هئا، جن مان هڪ جعلي هو، پر اسٽيٽ بئنڪ اختيارين جعلي نوٽ جي سڃاڻپ نه ڪري سگهيون.
هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ اختيارين ٻن سالن کانپوءِ به 5 هزار رپين جا اهي ٽيئي نوٽ واپس ناهن ڪيا، سليم مانڊوي والا جي جملي تي ڪميٽي ۾ ٽهڪڙو مچي ويو ويا.
سليم مانڊوي والا چيو ته نون ڪرنسي نوٽن جي ڊزائن جي صلاحڪار کي ڇپائيءَ جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ ٻن سالن کان نوان ڪرنسي نوٽ تيار نه ڪري سگهيو آهي.
هن طنزيه انداز ۾ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي حالت ته حڪومت کان به خراب آهي.
اسٽيٽ بئنڪ اختيارين ٻڌايو ته 5 هزار رپين جو نوٽ 20 سال اڳ تيار ڪيو ويو هو ۽ هاڻي ايندڙ 20 سالن لاءِ نئين نوٽ جو ڊزائن تيار ڪيو پيو وڃي.
اختيارين موجب، 10 رپين جو نوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي تياريءَ تي لاڳت وڌيڪ اچي ٿي.
ڪميٽي جي ميمبر انوشا رحمان سوال ڪيو ته اسٽيٽ بئنڪ هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ ) جو استعمال ڇو نٿو ڪري؟
هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ڪابينا جي هڪ ماتحت ڪميٽي کان ڊزائن منظور ڪرائي رهي آهي، اهڙي طريقي سان ڪم ڪرڻ سان وڌيڪ وقت لڳندو.
سليم مانڊوي والا چيو ته جنهن رفتار سان ڪم هلي رهيو آهي، لڳي ٿو ته ڪميٽي جي مدي ختم ٿيڻ تائين به نوان نوٽ تيار نه ٿيندا.
اسٽيٽ بئنڪ اختيارين ٻڌايو ته ڪابينا ڪميٽي نون ڪرنسي نوٽن جا ڊزائن فائنل ڪري رهي آهي، جڏهن ته 10 رپين جو نوٽ مرحليوار ختم ڪيو پيو وڃي، نون ڪرنسي نوٽن ۾ سيڪيورٽي فيچرز پڻ شامل ڪيا پيا وڃن.
اختيارين موجب، 5 هزار ۽ هڪ هزار رپين جي نوٽ جي تياريءَ تي 14 رپيا لاڳت اچي ٿي.