ميلبورن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي بگ بيش ليگ ۾ اوورسيز ڪيٽيگري ختم ڪرڻ سميت ڪيترين ئي نين تبديلين جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، بگ بيش ليگ ۾ تبديلين کانپوءِ مردن ۽ عورتن جي ايندڙ ٻن سيزنز ۾ پرڏيهي رانديگرن کي لازمي طور شامل ڪرڻ واري شرط ختم ڪئي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان کان اڳ بي بي ايل ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 يا 3 پرڏيهي رانديگرن کي شامل ڪرڻ لازمي هو.
ان کانسواءِ پرڏيهي رانديگرن مان هڪ کي گولڊ يا پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ رکڻ واري شرط به ختم ڪئي وئي آهي.
گولڊ ڪيٽيگري جي رانديگر کي 3 لک، جڏهن ته پلاٽينم ڪيٽيگري جي رانديگر کي 4 لک 20 هزار ڊالر ڏنا ويندا هئا.
ميڊيا رپورٽ موجب، بي بي ايل ۾ ڊرافٽ سسٽم ختم ڪري اوپن مارڪيٽ سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان ڪلبن لاءِ ڪانٽريڪٽ ونڊو کولڻ جو به امڪان آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پرڏيهي رانديگرن لاءِ شرط ختم ڪرڻ سان مقامي رانديگرن کي مالي طور فائدو ٿيندو.
گذريل قانونن تحت ڪلبن جي ٽاپ 6 مارڪي رانديگرن جي مجموعي پگهار 17 لک ڊالر مقرر هئي، جڏهن ته ايندڙ سيزن ۾ مارڪي رانديگرن جي ڪيٽيگري گهٽائي 4 رانديگرن تائين ڪئي ويندي.
اختيارين موجب، هن فيصلي سان بهترين رانديگرن کي وڌيڪ ڪمائڻ جو موقعو ملندو، پوءِ انهن جو واسطو ڪهڙي به ملڪ سان هجي.
You might also like