بينظير ڀٽو سنڌ جي ماڻهن لاءِ ماءُ جيان هئي: سيف سيمجو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوڪار سيف سيمجو چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ، خاص طور سنڌ جي ماڻهن لاءِ، ماءُ جيان هئي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي انسٽاگرام تي بينظير ڀٽو جي تصوير سان گڏ ”سنڌ ماءُ آهي“ واري پوسٽ تي تبصرو ڪندي سيف سيمجو چيو ته سندس زندگيءَ ۾ هن ڪڏهن به اهڙو اجتماعي ڏک نه ڏٺو، جهڙو سنڌ محسوس ڪيو ۽ اظهار ڪيو، جڏهن محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي.
هن چيو ته شايد ان جو سبب اسان جي اندر گهري پاڙون رکندڙ هڪ احساس آهي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ کي ماءُ وانگر پيار ڪندا آهن.
سيف سيمجو چيو ته اسان هميشه پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ائين بيهنداسين، جيئن ماءُ لاءِ بيهندا آهيون، محبت، وقار ۽ سندس حفاظت ڪرڻ جي فطري جذبي سان.
هن چيو ته ”مون کي هي پوسٽ ڪيترن ئي سببن جي ڪري تمام گهڻي پسند آئي.“

You might also like