آمريڪا 47 سالن کانپوءِ شام کي دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ ملڪن جي فهرست مان ڪڍي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا اٽڪل 47 سالن کانپوءِ شام کي دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ رياستن جي فهرست مان ڪڍي ڇڏيو آهي.
واشنگٽن جو چوڻ آهي ته هن قدم سان شام ۾ خانگي شعبي جي سيڙپڪاري ۽ عالمي معيشت ۾ ٻيهر شموليت جي راهه ۾ موجود آخري وڏي رنڊڪ به ختم ٿي وئي آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته اهو فيصلو شامي حڪومت طرفان پاڻ کي عالمي دهشتگرد ڪارروئين کان مڪمل طور الڳ ڪرڻ لاءِ کنيل هاڪاري قدمن جي اعتراف ۾ ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا شام جي نئين صدر احمد الشرع سان لاڳاپن کي هٿي ڏئي رهي آهي.
احمد الشرع ماضي ۾ هڪ عسڪريت پسند اڳواڻ رهيو آهي ۽ ابو محمد الجولاني جي نالي سان سڃاتو ويندو هو.
هو هڪ وقت القاعدا سان لاڳاپيل هڪ گروهه جي قيادت ڪندو هو، جنهن سبب آمريڪا کي گهربل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل هو ۽ سندس گرفتاري لاءِ انعام پڻ مقرر ڪيو ويو هو.
احمد الشرع جي تنظيم هيئت تحرير الشام (ايڇ ٽي ايس) کي به آمريڪا عالمي دهشتگرد تنظيمن جي فهرست مان ڪڍي ڇڏيو آهي.
هي تنظيم 2016ع تائين شام ۾ القاعدا جي شاخ سمجهي ويندي هئي، جڏهن ته احمد الشرع ساڳئي سال القاعدا سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
ياد رهي ته 2024ع جي آخر ۾ هيئت تحرير الشام باغين جي ان ڪارروائي جي اڳواڻي ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ اڳوڻي صدر بشار الاسد جي حڪومت جو خاتمو ٿيو.
مارڪو روبيو جو چوڻ آهي ته هن فيصلي سان شامي عوام کي خوشحالي ڏانهن هڪ رستو ملندو.
آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته ان قدم سان شام ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي ۽ سياسي ۽ معاشي استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي.
شامي سرڪاري ميڊيا موجب، پرڏيهي وزير اسعد حسن الشيباني هن اعلان کي هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو آهي.
سندس چوڻ آهي ته شامي حڪومت شفافيت، گڏيل مفادن ۽ احترام تي ٻڌل ماحول قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.

You might also like