گوادر (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي سامونڊي ضلعي گوادر سان وسطو رکندڙ بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر ۽ ”حق دو تحريڪ“ جي سربراهه مولانا هدايت الرحمان خلاف سڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي عورتن جون تصويرون ڪڍڻ بابت معاملي تي وڊيو ٺاهڻ ۽ ماڻهن کي سڪيورٽي ادارن خلاف ورغلائڻ جي الزام هيٺ گوادر ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڪيس سوشل ميڊيا تي مولانا هدايت الرحمان جي سڪيورٽي فورسز جي هڪ چيڪ پوسٽ ڀرسان رڪارڊ ڪيل وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ داخل ڪيو ويو.
گوادر پوليس موجب، ان سلسلي ۾ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
مولانا هدايت الرحمان جي وڊيو بيان ۾ ڇا هو؟
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ مولانا هدايت الرحمان کي هڪ چيڪ پوسٽ ڀرسان بيٺل ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو ۾ کيس اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته صبح جڏهن هو هتان گذري رهيو هو ته کيس ٻڌايو ويو ته فورس جي ڪمانڊنگ آفيسر جو حڪم آهي ته پشڪان ۽ جيوڻي مان ايندڙ عورتن جو پردو هٽائي چيڪ پوسٽ تي لڳل ڪيمرا ذريعي سندن تصويرون ڪڍيون وڃن.
هن ان عمل کي بلوچ عورتن جي غيرت سان کيڏڻ برابر قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن ڪيمرا نه هٽائي وئي ۽ چيڪ پوسٽ تي بلوچ عورتن جو پردو هٽائي سندن تصويرون ڪڍيون ويون ته هو عوام سان گڏ چيڪ پوسٽ تي اچي احتجاج ڪندو.
هن چيو ته ان معاملي بابت ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين ذميوار سرڪاري اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ايف آءِ آر ۾ ڇا ڄاڻايو ويو آهي؟
مولانا هدايت الرحمان خلاف سٽي پوليس اسٽيشن ۾ گوادر جي رهواسي فدا حڪيم رند جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
فريادي جو چوڻ آهي ته مولانا هدايت الرحمان گوادر ۽ پشڪان روڊ تي قائم سڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي پنهنجي گاڏي روڪي سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪئي ۽ اتي سڪيورٽي اهلڪارن ۽ ادارن خلاف اعتراض جوڳا رمارڪس ڏنا.
هن الزام لڳايو ته وڊيو ۾ بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ سڪيورٽي ادارن تي بي بنياد الزام لڳائي رهيو آهي.
فريادي موجب، مولانا هدايت الرحمان جي قدم سان نه رڳو عوام مڇرجي سگهي ٿو، پر موجوده حالتن ۾ امن امان کي به سخت نقصان پهچي سگهي ٿو.
پوليس پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلمن 353، 186، 503، 504، 505 ۽ 506 تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
ان سلسلي ۾ سٽي پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او بشير احمد جو چوڻ آهي ته هڪ شهري ٿاڻي ۾ درخواست ڏني هئي، جنهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
هن چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ معاملي جي جاچ جاري آهي ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي حق دو تحريڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عورتن سان مبينا اڻوڻندڙ ورتاءَ خلاف احتجاج ڪرڻ تي مولانا هدايت الرحمان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جيڪو افسوس ۽ مذمت جوڳو عمل آهي.
سڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي عورتن جون تصويرون ڪڍڻ بابت بيان، گوادر ۾ مولانا هدايت الرحمان خلاف ڪيس داخل
You might also like