سکر: شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس، وڪيلن جا دليل مڪمل، فيصلو محفوظ

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي جسٽس فيصل ڪمال ۽ جسٽس تسنيم سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جوابدار اصغر لنڊ جي ضمانت واري درخواست تي وڪيلن قربان ملاڻو ۽ صلاح الدين پنهور پنهنجا دليل مڪمل ڪيا.
ٻڌڻي کانپوءِ شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت مان انصاف جي اميد آهي، جڏهن ته جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن.
هن چيو ته مک جوابدار برڪت لنڊ هڪ بااثر جي بنگلي تي موجود آهي، پر پوليس کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

You might also like