اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ سکر-حيدرآباد موٽر وي جي فنڊنگ نه ٿيڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي آهي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي چيو ته حڪومت هڪ پاسي مالي گنجائش نه هجڻ جو موقف اختيار ڪري ٿي، ته ٻئي پاسي سنڌ سان امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي.
هن سوال اٿاريندي چيو ته بهاولنگر جي ساڍا 18 ڪلوميٽر موٽر وي لاءِ 49 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ڇا اها سنڌ جي عوام سان ناانصافي ناهي؟
شرميلا فاروقي جو چوڻ هو ته 70 ارب رپين جي ضرورت واري منصوبي لاءِ رڳو 30 ارب رپيا ٽوڪن رقم طور فراهم ڪيا ويا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ڪيترن ئي مهينن کان موٽر وي جي فنڊنگ وارو معاملو اٿاريندي رهي آهي، پر رٿا فنڊن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي.
پيپلز پارٽي جي سکر-حيدرآباد موٽر وي لاءِ فنڊنگ نه ٿيڻ تي وفاقي حڪومت تي تنقيد
You might also like