ڪراچي: اين اِي ڊِي يونيورسٽي ۾ ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو انڪشاف، 4 جديد مشينون غائب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ 5 ڪروڙ 71 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جون 4 جديد مشينون غائب هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڪراچي جي مشهور اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ فزيڪل ويريفڪيشن ۽ آڊٽ دوران ڪروڙين رپين جون مالي ۽ انتظامي گهوٻيون سامهون آيون آهن.
آڊٽ رپورٽ موجب، فوڊ انجنيئرنگ شعبي ۾ ڪُل 5 ڪروڙ 71 لک 73 هزار 640 رپين جي ماليت جون 4 اهم مشينون موقعي تي موجود نه هيون.
فزيڪل ويريفڪيشن دوران 2 ڪروڙ 18 لک رپين جي ماليت وارو هائيڊروجي نيشن يونٽ ۽ هڪ ڪروڙ 74 لک رپين جي ماليت وارو ڊيوڊرائزنگ يونٽ فوڊ انجنيئرنگ شعبي ۾ موجود نه مليو.
ان کانسواءِ هڪ ڪروڙ 9 لک 90 هزار رپين جي ماليت وارو آئل پروڊڪشن پلانٽ ۽ 69 لک رپين جي ماليت وارو ايف ٽي آءِ آر اسپيڪٽروميٽر به فزيڪل ويريفڪيشن دوران موقعي تي موجود نه هو.
آڊٽ رپورٽ ۾ مشينري جي غير موجودگي جا سبب ۽ ان جا ذميوار ماڻهن جو تعين نه ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ اسٽاڪ ۽ ڊيڊ اسٽاڪ جي رڪارڊ ۾ به سنگين بي ضابطگيون سامهون آيون آهن، جتي پي پي سي مشين جو رڪارڊ برقرار نه رکيو ويو ۽ مختلف شين جي ٽيڪسن سميت مجموعي لاڳت به درست نموني نه لکي وئي.
رپورٽ موجب، اسٽاڪ رجسٽر ۾ ڪيميڪلز جي مقدار هڪ ڪلو بدران هڪ گرام درج ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گذريل سالن جي ڪيترن ئي آڊٽ اعتراضن تي پڻ اڃا تائين عملدرآمد نه ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي اين اي ڊي يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر غضنفر آڊٽ اعتراضن تي پنهنجو وضاحتي موقف پيش ڪندي چيو آهي ته هڪ مشين ٺهڻ لاءِ ٻاهر موڪليل آهي، جڏهن ته ٻي مشين خريد ئي نه ڪئي وئي هئي.
هن وڌيڪ چيو ته ٽين مشين واپس ڪئي وئي هئي ۽ آڊٽ اعتراض سامهون اچڻ کانپوءِ سموري مشينري جي فزيڪل ويريفڪيشن ٻيهر ڪرائي وئي آهي.

 

You might also like