اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اهم سرڪاري ۽ حساس مالياتي ادارن جي سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن نيٽ ورڪ جي سيڪيورٽي بابت ڳڻتي جوڳا سوال سامهون آيا آهن، ڇاڪاڻ ته پاڪ ڊيٽا ڪام( پي ڊي ايل) نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي 400 کان وڌيڪ شاخن سميت ڪيترن ئي حساس ادارن جي سيٽلائيٽ ڪنيڪٽيوٽي نظام کي ملڪي بنيادي ڍانچي تان هٽائي گڏيل عرب امارتن ۾ قائم ڪمپني ”يح سيٽ“ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
ان اڳڀرائي تي پاڪ ڊيٽا ڪام جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر بريگيڊيئر (ر) سيد ذوالفقار علي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي سيڪريٽري کي خط لکي خبردار ڪيو آهي ته جيڪو سيڪيورٽي نظام اڳ ڪراچي ۽ اسلام آباد جي هبز ۽ ”پاڪ سيٽ“ ذريعي ملڪ جي پنهنجي اختيار ۾ هلندو هو، ان کي پرڏيهي دائري اختيار ۾ موڪلڻ سان قومي سلامتي ۽ مالياتي رابطن جو تحفظ خطري ۾ پئجي سگهي ٿو.
نيشنل بئنڪ جهڙي اهم مالياتي اداري، جيڪو سرڪاري خزانن جو ڊيٽا سنڀاليندو آهي، جي ڪميونيڪيشن پرڏيهي ملڪ مان گذرڻ جو مطلب رڳو انٽرنيٽ جي سهولت ناهي، پر ڪنهن به هنگامي صورتحال، سائبر حملي يا سفارتي ڇڪتاڻ جي صورت ۾ ملڪي رابطن تان فوري ۽ سڌو ڪنٽرول وڃائڻ جو سنگين خطرو پڻ آهي.
ڪمپني طرفان رڳو وي پي اين جي استعمال جي دعويٰ کي مڪمل سيڪيورٽي جي ضمانت قرار نٿو ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ڊيٽا جو تحفظ سڄي انفراسٽرڪچر، هب جي موجودگي ۽ قانوني اختيارن تي منحصر هوندو آهي.
اهو معاملو ان ڪري به انتهائي حساس ۽ پيچيده نوعيت جو آهي ته پاڪ ڊيٽا ڪام نه رڳو نيشنل بئنڪ، پر نادرا، او جي ڊي سي ايل، اي جي پي آر ۽ اين ايل سي جهڙن اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ ٻين ادارن کي پڻ خدمتون فراهم ڪري ٿو، جنهن سان پرڏيهي سيٽلائيٽ تي ڀاڙڻ جو مسئلو رڳو هڪ ڪمپني تائين محدود نٿو رهي، پر سڌو سنئون قومي خودمختياري ۽ سائبر دفاع سان ڳنڍجي وڃي ٿو.
اڳوڻي سربراهه زور ڏنو آهي ته پاڪ ڊيٽا ڪام جي اڪثريتي حصص جي مالڪ ٽيليڪام فائونڊيشن، جيڪا آءِ ٽي واري وزارت جي نگراني هيٺ ڪم ڪري ٿي، کي معاملي جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي ڪمپني انتظاميا جي سيڪيورٽي ڪليئرنس جو جائزو وٺڻ گهرجي.
هن مطالبو ڪيو آهي ته انهن سمورن حساس ادارن جي پرائمري ڪنيڪٽيوٽي ٻيهر ”پاڪ سيٽ“ ۽ مقامي هبز تي منتقل ڪئي وڃي، جڏهن ته پرڏيهي انفراسٽرڪچر کي رڳو سيڪنڊ يا بيڪ اپ آپشن طور رکيو وڃي، ته جيئن تبديل ٿيندڙ علائقائي، جاگرافيائي سياسي ۽ سائبر جنگ جي ماحول ۾ پاڪستان جي مواصلاتي نظام جي مڪمل سيڪيورٽي ۽ خودمختياري کي هر قيمت تي يقيني بڻائي سگهجي.
پاڪستان جي حساس ادارن جو سيٽلائيٽ نيٽ ورڪ پرڏيهي ڪمپني حوالي قومي سلامتي بابت سنگين سوال اُٿي ويا
You might also like