”شادي کان پوءِ حنا خاموش هوندي هئي“ راولپنڊي واقعي هر ماڻهوءَ کي ڏکارو ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل عورت حنا جاويد جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي، پوليس موجب مبينا قتل ۾ استعمال ٿيل رسي ۽ بجلي جي تار هٿ ڪئي وئي آهي، عورت حنا جاويد جي قتل هر ماڻهو کي ڏکارو ڪري ڇڏيو، حنا جاويد جي ويجهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته شادي کان پوءِ حنا خاموش هوندي هئي، ڪا ڳالهه پڇڻ تي ڳالهه کي تبديل ڪري ڇڏيندي هئي، پوليس جي جاچ ٽيم ۾ شامل اهلڪار موجب گرفتار جوابدارن جو جسماني رمانڊ دوران ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايو ويندو، جڏهن ته پولي گراف ۽ ٻين ٽيسٽن لاءِ کين لاهور وٺي وڃڻ جو به امڪان آهي، پوليس موجب حنا جاويد جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ايندڙ ٻن ڏينهن اندر ملڻ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ جاچ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو، ڪيس ۾ نامزد ٽئين جوابدار جيڪو مقتولا جو سھُرو آهي، جو شروعاتي بيان پڻ رڪارڊ ڪيو ويو، پوليس موجب سندس بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته حنا ۽ سندس مڙس وچ ۾ شادي کان ٿوري ئي عرصي کان پوءِ مختلف معاملن تي اختلاف شروع ٿي ويا هئا، پوليس اهلڪار موجب مقتولا جو سهرو وڏي عمر جو هجڻ سبب هن وقت تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي، پر کيس پابند ڪيو ويو آهي ته ڪيس جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين علائقو ڇڏي نه وڃي، حنا جاويد جي ويجهن ماڻهن موجب شادي کان پوءِ سندس طبيعت ۽ روين ۾ نمايان تبديلي آئي هئي، خاندان جي هڪ ويجهي عورت ٻڌايو ته حنا اڳ ئي خاموش طبيعت جي هئي، پر شادي کانپوءِ وڌيڪ خاموش ۽ پاڻ ۾ گم رهڻ لڳي هئي، ويجهن ماڻهن موجب جڏهن خاندان وارا حنا کان پڇندا هئا ته ڇا هوءَ خوش آهي، ته هوءَ سوال جو سڌو جواب ڏيڻ بدران ڳالهه بدلائي ڇڏيندي هئي، خاندان موجب شادي کي اڃا 10 مهينا به مڪمل نه ٿيا هئا، حنا جي خاندان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حنا هڪ ڌيءَ، ڀيڻ ۽ دوست هئي، هڪ نوجوان عورت هئي جنهن جا خواب ۽ مستقبل کانئس کسي ويا، خاندان پاڪستان جي عدالتي ۽ قانوني نظام تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته کين انصاف جي اميد آهي، پر جاچ جي شفافيت انصاف لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي، خاندان پنجاب پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪنهن به دٻاءَ يا دير کانسواءِ ڪيس جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي، خاندان جو چوڻ آهي ته گهريلو تشدد ۽ عورتن خلاف تشدد کي ذاتي معاملو نه، پر سنگين جرم سمجهي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

You might also like