ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪارا ڪرينا ڪپور جي ٽئين حمل بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهن کي اداڪارا جي ويجهن ذريعن رد ڪري ڇڏيو آهي.
اهي افواهون ان وقت شروع ٿيون، جڏهن جم ٻاهران ڪرينا ڪپور جي هڪ مختصر وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي. وڊيو ۾ اداڪارا ورزش واري لباس ۾ نظر اچي رهي آهي، جنهن کانپوءِ ڪجهه صارفين سندس جسماني وزن ۾ معمولي تبديلي کي حمل سان ڳنڍي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪرينا جي ويجهن ذريعن واضح ڪيو آهي ته اداڪارا حامله ناهي ۽ رڳو هڪ وڊيو ۾ نظر ايندڙ جسماني تبديلي کي حمل سان جوڙڻ درست ناهي.
ڪرينا ڪپور ۽ سندس مڙس سيف علي خان اڳ ئي ٻن پٽن، تيمور علي خان ۽ جهانگير علي خان، جا والدين آهن. ٻنهي 2012ع ۾ شادي ڪئي هئي.
ڪرينا ماضي ۾ به واضح ڪري چڪي آهي ته وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ جو سندس ارادو ناهي.