گولين يا بندوق کان نٿا ڊڄون، 27 سيپٽمبر تي هٿين خالي نه موٽنداسين: سهيل آفريدي

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته نواز شريف عمران خان کي شفا اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ نه ڏنو، 27 سيپٽمبر تي خالي هٿ واپس نه اينداسين، گولي ۽ بندوق کان نه ڊڄنداسين، اسان کي حقيقي آزادي وٺڻي آهي يا شهادت قبول ڪرڻي آهي، ٽيون ڪو رستو ناهي.

بونير جي سواڙي چوڪ تي اسٽريٽ موومينٽ کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن عمران خان جي ڀيڻ جي موجودگي ۾ سندس علاج ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، پر موجوده حڪومت سپريم ڪورٽ جي ان حڪم تي عمل نه ڪيو ۽ عمران خان کي شفا اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جي اجازت نه ڏني.

هن چيو ته پنجاب ۽ وفاق ۾ جعلي حڪومتون مڙهيل آهن، جن سپريم ڪورٽ جي حڪم کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو. 27 سيپٽمبر تي 40 لک ماڻهو پنهنجو ڪيس وڙهڻ لاءِ نڪرندا ۽ هن ڀيري خالي هٿ واپس نه ايندا.

سهيل آفريدي چيو ته هو گولي ۽ بندوق کان نه ڊڄندا، کين حقيقي آزادي حاصل ڪرڻي آهي يا شهادت قبول ڪرڻي آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو عوام کي مقصد کان هٽائڻ جي ڪوشش ڪندا، پر عمران خان جو ساٿ نه ڇڏڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ملڪ کي بچائي، معيشت بهتر ڪري ۽ حقيقي خودمختياري ڏياري سگهي ٿو.

You might also like