عمران خان يا ڪو به قيدي خانگي اسپتال مان علاج نٿو ڪرائي سگهي، حڪومت جي عدالتي فيصلي خلاف اپيل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان کي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي عبوري حڪم خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪندي ان حڪم کي قانوني اختيار کان تجاوز قرار ڏنو آهي.

حڪومت پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جيل ۾ قيدي جي علاج لاءِ پاڪستان پرزن رولز 1978ع ۾ واضح طريقيڪار موجود آهي، جنهن تحت ضرورت پوڻ تي قيدي کي سرڪاري سول يا ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته قانون ۾ خانگي اسپتال جو ڪو تصور موجود ناهي.

حڪومت جو چوڻ آهي ته قيدي کي پنهنجي پسند جي خانگي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ جو حق پڻ جيل قانونن يا پرزنز ايڪٽ ۾ موجود ناهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي درخواست پهريون ڀيرو ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي هئي ۽ کيس نوٽيس پڻ جاري نه ڪيو ويو هو، ان باوجود سپريم ڪورٽ پاران عبوري حڪم جاري ڪيو ويو.

حڪومت جو موقف آهي ته عدالت طبي رپورٽ جي بنياد تي عمران خان جي صحت خراب ٿيڻ جو تاثر ورتو، جڏهن ته رپورٽ ۾ اهڙي ڪا واضح ڳالهه موجود نه هئي. حڪومت موجب ميڊيڪل بورڊ عمران خان جو ڪيترائي ڀيرا معائنو ڪري چڪو آهي.

حڪومت جو چوڻ آهي ته اهڙي طبي معاملي ۾ ماهرن جي راءِ وٺڻ گهرجي ها. درخواست ۾ فوجداري ضابطي جي قلم 561-A جي استعمال تي پڻ اعتراض ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته اهو اختيار جيل انتظاميا جي معاملن ۾ مداخلت لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي.

حڪومت وڌيڪ موقف اختيار ڪيو آهي ته عبوري مرحلي دوران عمران خان جون چارئي درخواستون منظور ڪيون ويون، جن ۾ شفا اسپتال منتقل ڪرڻ، ذاتي ڊاڪٽرن تائين رسائي، گهرڀاتين سان ملاقات ۽ طبي رپورٽون وڪيل کي فراهم ڪرڻ جون درخواستون شامل هيون. اهڙيءَ ريت عبوري حڪم ذريعي ئي کيس حتمي رليف فراهم ڪيو ويو.

درخواست ۾ اهو پڻ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته خانگي اسپتال جون خاص سهولتون ٻين قيدين لاءِ به مثال بڻجي وينديون ۽ جيل قانونن تحت اهڙي نوعيت جي مطالبن جو سيلاب اچي سگهي ٿو. حڪومت ان کي برابري جي اصول جي خلاف قرار ڏنو آهي.

وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ کان 18 آگسٽ وارو حڪم واپس وٺڻ يا ان تي نظرثاني ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي.

You might also like