ملير( رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير جي فقير محمد بلوچ ڳوٺ تي ايجوڪيشن سٽي عملي ۽ ضلعي انتظاميا پاران زمين خالي ڪرائڻ لاءِ ڳري مشينري ساڻ ڪري ڪارورائي جي ڪوشش تي ڳوٺاڻن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران مزاحمت جو اعلان ڪيو ويو آهي. ملير ديهه چوهڙ جي فقير محمد بلوچ ڳوٺ تي ايجوڪيشن سٽي جي عملي سان گڏ پوليس، اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ۽ روينيو کاتي جي عملدارن تي ٻڌل سرڪاري ٽيم اسسٽنٽ ڪمشنر سب ڊويزن گڏاپ جي سربراهي ۾ ڳوٺ ۾ پهتي ۽ زمين خالي ڪرائڻ لاءِ ڪاروائي شروع ڪئي، ان دوران ڳوٺاڻن عورتن، ٻارن ۽ مردن مزاحمت ڪندي احتجاجن بلڊوزرن اڳيان ويهي رهيا، ڪارروائي جي اطلاع تي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ملير جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مجاهد احمد جوکيو، سماجي اڳواڻ سليم سالار، انجنيئر اڪرم بلوچ، انڊيجينس رائيٽس الائنس جي اڳواڻن سيد خدا ڏنو شاهه، حفيظ بلوچ، حاجي الياس رند ۽ ٻين علائقي واسين زمينن جي تحفظ لاءِ موقعي تي پهچي انتظاميا اڳيان ڳوٺاڻن سان گڏجي احتجاج ۾ شامل ٿيا، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته فقير محمد بلوچ ڳوٺ جي زمين 2023ع جي سروي موجب 72 ايڪڙن تي مشتمل آهي جنهن ۾ سندن آباد زمينون به شامل آهن. هنن دعويٰ ڪندي چيو ته هاڻي انهن زمينن ۽ ڳوٺ جي ديوارن کي ڊاهڻ لاءِ مشينري پهچائي وئي آهي. ڳوٺاڻن الزام هنيو ته ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي سندن زمينن تي قبضو ڪري اهي زمينون لٿيم بيٽري فيڪٽري ۽ ٻين ڪمپنين کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڄاڻايل زمينون رڳو خالي سرڪاري زمينون ناهن پر اهي زمينون سندن ملڪيت، آبادڪاري يا ڊگهي عرصي کان استعمال هيٺ آهن. ڳوٺاڻن چيو ته ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي زمين ڪنهن واپاري منصوبي لاءِ منتقل ڪرڻ سندن بنيادي حقن ۽ مفادن جي خلاف آهي. ٻئي طرف انڊيجينئس رائيٽس الائنس جي صدر سيد خدا ڏنو شاهه چيو ته ايجوڪيشن سٽي جو منصوبو گذريل 20 سالن کان ناڪام ٿي چڪو آهي، هن وقت تائين ايجوڪيشن سٽي جي حد بندي ناهي ڪئي وئي ته ڪهڙيون حدون آهن، فقير محمد واڍيلا بلوچ ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڳوٺ جي ديوار ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڳوٺاڻا عورتون، ٻار ۽ مرد گهرن کان ٻاهر نڪري آيا اسين ڳوٺ تي چڙهائي جي سخت مذمت ڪيون ٿا، انتظاميا کي چئون ٿا ته ڳوٺاڻن سان ويهي ڪري حد بنديون طئي ڪري مسئلي کي حل ڪيو وڃي نه ڪي طاقت جي زور تي ڪاروائي ڪئي وڃي جنهن سان امن امان جو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو ڳوٺاڻن جا گهر ڊاهڻ يا زمينن ۾ بيٺل فصل تباهه ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو حڪومت کي فوري طور نوٽس وٺڻ گهرجي ۽ نفري کي واپس موڪلڻ گهرجي. ڳوٺاڻن وزير اعليٰ سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته طاقت جي استعمال بدران فوري طور ڪارروائي روڪي، مقامي ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن.