ايجوڪيشن سٽي جي نالي هڪ ماڻهو معاملا خراب پيو ڪري

ملير: ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايجوڪيشن سٽي جي آڙ ۾ ملير جا پراڻا ڳوٺ زرعي زمينون، پاڻي جا قدرتي لنگهه ۽ ملير جي سونهن ۽ ساوڪ کي ختم ڪرڻ جا خواب ڏسندڙن مافيائون احمق جي جنت ۾ رهن ٿا، ملير ملڪ ۽ ڪراچي جي ترقي ۾ پنهنجو وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کي اپيل ٿا ڪريون ته ايجوڪيشن سٽي جي آڙ ۾ جيڪي به طاقتور مقامي ماڻهن کي بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن تنهن عمل خلاف نوٽيس وٺي. ملير جون زمينون ۽ ملير جا ڳوٺ بچائن، عبدالحڪيم بلوچ وڌيڪ چيو ته ملير هميشا پاڪستان پيپلز پارٽي جي نمائندن کي چونڊي پيپلز پارٽي ۽ جمهوريت جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي اڄ ملير تي جيڪي ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن ۽ هزارين ماڻهن کي بيدخل ڪرڻ واري سازش کي ناڪام بنائن. جام عبدالڪريم جوکيو چيو ته ايجوڪيشن سٽي جي معاملي تي سنڌ حڪومت اسان کي يقين ڏياريو هو ته قديم ڳوٺن ۽ آبادگارن جي زرعي زمينن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو ۽ قبرستان لاءِ به زمين مختص ڪئي ويندي، پر هڪ شخص معاملو خراب ڪري رهيو آهي

You might also like