پي ٽي آءِ جو توهين عدالت درخواست داخل ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف عمران خان کي الشفا منتقل نه ڪرڻ تي حڪومت خلاف توهين عدالت درخواست داخل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 27 سيپٽمبر جي مارچ جو اعلان برقرار آهي. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ عمران خان کي طبي معائني لاءِ شفا اسپتال بدران پمز اسپتال وٺي وڃڻ تي انتظاميا ۽ حڪومت جو ڪالهه وارو رويو انتهائي افسوس جوڳو هو، اهڙو عمل سپريم ڪورٽ ۽ ٽن ججن جي حڪم جي توهين آهي. اسلام آباد ۾ عمران خان جي ڀيڻ عظميٰ خان ۽ ڊاڪٽر فيصل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سهيل آفريدي چيو ته جيڪڏهن عدليه پنهنجي حڪمن تي عمل نه ڪرائيندي ته عوام ڪنهن ڏانهن واجهائيندو ؟ هي پاڪستان جي سمورين عدالتن جي توهين آهي. سهيل آفريدي چيو ته ٽن ججن عمران خان جو علاج شفا انٽرنيشنل ۾ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، پر حڪومتي ڌريون پاڻ کي آئين ۽ قانون کان مٿانهون سمجهن ٿيون، جيڪو ججن ۽ سپريم ڪورٽ جي توهين آهي. واضح رهي ته اڱاري ڏينهن سپريم ڪورٽ عمران خان کي علاج لاءِ شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عطا تارڙ موجب، پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان شفا اسپتال جي رستي ۽ ٻاهران پيدا ڪيل سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عمران خان کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو. سهيل آفريدي چيو ته جج فيصلو ڪن ته عدالتن کي تالا لڳرائڻا آهن يا پنهنجن حڪمن تي عمل ڪرائڻو آهي. جڏهن ته فيصلي تي عمل نه ڪرائڻ تي توهين عدالت جي درخواست پڻ داخل ڪئي ويندي. هن چيو ته اسپتال جي چوڌاري پي ٽي آءِ ڪارڪن نه هئا ۽ اسان واضح ڪري ڇڏيو هو ته جيڪڏهن ڪارڪن گڏ ٿيا ته انهن جو پي ٽي آءِ سان ڪو واسطو نه هوندو. سهيل آفريدي دعويٰ ڪئي ته جيل جي چوڌاري به ميڊيا کانسواءِ ڪو به موجود نه هو.ان موقعي تي عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽر فيصل چيو ته رات جي اونداهي ۾ پهرين خبر نه پئي، پر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ڪلاڪ اندر اڊيالا کان شفا اسپتال پهتاسين، جتي سيڪيورٽي موجود هئي، پوءِ اسان کي انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ويو. ڊاڪٽر فيصل موجب، هو اڍائي کان ٽن ڪلاڪن تائين انتظار ڪندا رهيا ۽ هر ڀيري پڇڻ تي ٻڌايو ويندو رهيو ته ”هاڻي پهچي رهيا آهن.“ رات اٽڪل ساڍي چئن وڳي کين ٻڌايو ويو ته شايد هو نه پهچي سگهندا، جنهن کانپوءِ هو واپس اڊيالا جيل پهتا. هن چيو ته اتي ڏٺو ته ڊاڪٽر عظميٰ ٻي گاڏي ذريعي واپس اڊيالا پهتي، جنهن ٻڌايو ته هوءَ پمز کان اچي رهي آهي.پريس ڪانفرنس دوران عمران خان جي ڀيڻ عظميٰ خان دعويٰ ڪئي ته عمران خان جو رڳو بلڊ پريشر چيڪ ڪيو ويو ۽ اکين جو معائنو ڪيو ويو.عظميٰ خان چيو ته بار بار پڇڻ کانپوءِ کيس ٻڌايو ويو ته عمران خان جي اکين جو فالو اَپ ٿيڻو آهي، تنهنڪري هو پمز آيا آهن، جتي سندس اکين جي سرجري ٿي هئي. هن دعويٰ ڪئي ته پمز ۾ هو اونداهين ڪمري ۾ ويٺا رهيا ۽ فون جي روشني ذريعي کين رستو ڏيکاريو ويو. عظميٰ خان موجب، کين مٿي هڪ هنڌ وٺي ويا، جتي عمران خان ويٺو هو، جيڪو کيس ڏسي حيران ٿي ويو ۽ چيو ته ”مون پنهنجي ڀيڻ کي ڏهن مهينن کانپوءِ ڏٺو آهي.“ هن چيو ته رات ٻِين يا ٽِين وڳي عمران خان جي اک ۾ انجيڪشن لڳايو ويو.عظميٰ خان دعويٰ ڪئي ته عمران خان بار بار چوندو رهيو ته مون تي ٽارچر ٿيو آهي. هن چيو ته عمران خان کي نه ٽي وي ڏني وئي ۽ نه پڙهڻ جو مواد، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي هڪ اک تي پٽي ٻڌل هئي. جيل منتقل ڪيو ويو آهي. جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي، کيس اسپتال کان سخت سيڪيورٽي هيٺ اڊيالا جيل آندو ويو. جيل ذريعن موجب، پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي سندس سيل ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي باني کي اڌ رات جو اڊيالا جيل مان پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي باني جو چيڪ اپ ڪيو ويندو، 6 ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم پي ٽي آءِ جي باني جو چيڪ اپ ڪندي، چيڪ اپ کان پوءِ پي ٽي آءِ جي باني کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.

You might also like