بيماري ۾ به ڊيل جون ڪوششون ٿينديون رهيون:ايمل ولي

اسلام آباد (بيورو) عوامي نيشنل پارٽي اڳواڻ ايمل ولي خان چيو آهي ته عمران خان بيمار آهي ته وفاقي وزيرن سميت پي ٽي آءِ جا ماڻهو به ان جي بيماري تي سياست ڪري رهيا آهن، ملڪ جو نظام ان ڪري تباهه ٿيو جو بيماري ۾ به ڊيل جون ڪوششون ٿينديون رهيون، سياست کي سياست رهڻ ڏني وڃي ته ووٽ کي عزت ۽ نظام کي بهتري ملندي، ايڪس تي جاري بيان ۾ ايمل ولي خان چيو ته نواز شريف جي بيماري جو مذاق اڏايو ويو ۽ ڪلثوم نواز کي پنهنجي بيماري ثابت ڪرڻ لاءِ مرڻو پيو، اڄ عمران خان بيمار آهي ته سندس پنهنجا ماڻهو ۽ وفاقي وزير به ان تي سياست ڪري رهيا آهن، سياسي اختلافن کي بيماري تائين نه آندو وڃي، جيڪڏهن قيدين لاءِ هڪجهڙو نظام هجي ها ته عمران خان سان رات 12 وڳي کان صبح 5 وڳي تائين جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو نه ٿئي ها، جمهوريت جا علمبردار رات جو سپريم ڪورٽ جو مذاق اڏائيندا رهيا، ملڪ جي بدقسمتي آهي ته بيماري کي به سياسي سوديبازي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، بيماري ۾ به ڊيل جون ڪوششون نظام جي تباهي جو سبب بڻيون، سياست کي سياست رهڻ ڏيو، ووٽ کي عزت به ملندي ۽ نظام به درست ٿيندو، ادارن تي هڪ ادارو حاوي نه ٿيندو.

You might also like