عمران خان کي اسپتال وٺي وڃڻ جو ڊرامو؟ 4 ڪلاڪ انتظار ڪرايو ويو، ذاتي ڊاڪٽر فيصل سلطان جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽر فيصل سلطان الزام لڳايو آهي ته گذريل رات عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ واري معاملي ۾ پاڪستاني اختيارين کيس مبينا طور گمراهه ڪيو.
ڊاڪٽر فيصل سلطان موجب، هو اڊيالا جيل وڃڻ لاءِ روانو ٿيو هو ۽ کيس يقين هو ته کيس عمران خان سان ملاقات ۽ سندس طبي معائنو ڪرائڻ لاءِ وٺي وڃي رهيا آهن، پر رستي ۾ کيس پوليس جي تحويل ۾ ورتو ويو.
هن چيو ته ان کانپوءِ کيس هڪ قافلي سان گڏ اسلام آباد جي شفا انٽرنيشنل اسپتال پهچايو ويو، جتي اختيارين اهڙي انداز ۾ ورتاءُ ڪندا رهيا، ڄڻ عمران خان به ساڳئي قافلي سان گڏ موجود هجي.
ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته هو اسپتال ۾ اٽڪل چار ڪلاڪ انتظار ڪندو رهيو ۽ بار بار اختيارين کان پڇندو رهيو ته عمران خان ڪٿي آهي، پر هر ڀيري کيس ٻڌايو ويو ته اڳوڻو وزيراعظم رستي ۾ آهي ۽ جلد پهچڻ وارو آهي.
هن چيو ته بعد ۾ کيس ٻڌايو ويو ته عمران خان کي اڳ ئي واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر فيصل سلطان جي بيان کانپوءِ عمران خان جي مبينا اسپتال منتقلي جي سڄي معاملي تي وڌيڪ سوال اٿي رهيا آهن.
اهو سوال به سامهون اچي رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪارروائي معمول موجب ۽ شفاف هئي ته عمران خان جي ذاتي معالج کي اهڙي قافلي ذريعي اسپتال ڇو نيو ويو، جنهن مان ظاهري طور عمران خان جي موجودگي جو تاثر ملي رهيو هو ۽ کيس ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اهڙي مريض جو انتظار ڇو ڪرايو ويو، جيڪو اتي اچڻو ئي نه هو.

You might also like