ڇا ٽرمپ جي اٻهرائپ ايران خلاف ڊگهي معاشي جنگ هلڻ ڏيندي؟

عالمي تجزيه نگارن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران جي معيشت تباهه ڪرڻ واري نئين عزم کي آمريڪي پاليسي جو عارضي دفاع قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ۾ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جو فقدان نظر اچي ٿو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف هڪ ٻي معاشي جنگي حڪمت عملي جو اعلان ڪندي سوشل ميڊيا تي سخت خبردار ڪيو آهي، جنهن ۾ هن ايران خلاف تاريخ جي سخت ترين معاشي گهيري جو واعدو ڪيو آهي.

تنهن هوندي به، سڄي دنيا جا سياسي ۽ معاشي تجزيه نگار ان ڳالهه تي خدشا ظاهر ڪري رهيا آهن ته ڇا معاشي ۽ سياسي قيمت وڌڻ جي صورت ۾ ٽرمپ پنهنجي هن فيصلي تي قائم رهي سگهندا يا اڳ وانگر پوئتي هٽي ويندا.

فوجي حملن ذريعي تهران کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ يا جوهري ڳالهين تي مجبور ڪرڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ، هن نئين معاشي منصوبي کي ٽرمپ جي سياسي حڪمت عملي جو دفاعي رخ قرار ڏنو پيو وڃي.

سي اين اين ۽ اسرائيلي انٽيليجنس جي اڳوڻن عملدارن جو تجزيو آهي ته تهران جي انقلابي حڪومت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سخت معاشي پابندين کي منهن ڏيندي آئي آهي، تنهن ڪري رڳو معاشي دٻاءَ ذريعي ايران جي پاليسي تبديل ٿيڻ جي اميد رکڻ غلط فهمي هوندي.

اسرائيل ڊفينس انٽيليجنس جي اڳوڻي اهلڪار ڊينيئل سٽرينووچ جو چوڻ آهي ته ايران معاشي دٻاءَ سبب سخت مشڪلاتن جو شڪار ته ٿي سگهي ٿو، پر آمريڪي دٻاءَ آڏو پنهنجي نظريي ۽ حڪمت عملي ۾ تبديلي نه آڻيندو.

ان کانسواءِ ايران جي معيشت کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن جو وقت گهربل هوندو، جڏهن ته صدر ٽرمپ ۾ اهڙي قسم جي صبر ۽ تدبر جي شديد کوٽ نظر اچي ٿي.

معاشي ۽ سفارتي تجزيي موجب، جيڪڏهن ٽرمپ ايران کان تيل خريد ڪندڙ چيني بئنڪن تي پابنديون لاڳو ڪن ٿا ته ان سان چين جي صدر شي جن پنگ جي سيپٽمبر ۾ طئي ٿيل آمريڪا واري دوري ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي خراب اثر پئجي سگهي ٿو.

ٻئي پاسي، ايران وٽ به جوابي ڪارروائي لاءِ اهم سياسي موقعو موجود آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ ٻن مهينن کانپوءِ مڊٽرم چونڊون ٿيڻيون آهن.

جيڪڏهن ايران آبناءِ هرمز ۾ تيل بردار جهازن تي ڊرون يا ميزائل حملا ڪري ٿو ته آمريڪا ۾ پيٽرول ۽ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون اوچتو وڌي سگهن ٿيون، جنهن جو سڌو سنئون سياسي نقصان ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس پارٽي کي چونڊن دوران برداشت ڪرڻو پئجي سگهي ٿو.

You might also like