اسلام جو احترام ڪيان ٿو، پر مسلمان ناهيان ٿيو، اسلام قبول ڪيم ته اعلان پاڻ ڪندس: روبرٽو ڪارلوس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برازيل ۽ ريال ميڊرڊ جي ليجنڊري فٽبالر روبرٽو ڪارلوس اسلام قبول ڪرڻ بابت سوشل ميڊيا ۽ مختلف ميڊيا رپورٽن ۾ گردش ڪندڙ خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 53 ورهين جي اڳوڻي برازيلين اسٽار واضح ڪيو ته هو اسلام ۽ مسلمانن جو بيحد احترام ڪري ٿو، پر سندس مسلمان ٿيڻ بابت خبرون درست ناهن.
هن تازن افواهن کانپوءِ انسٽاگرام اسٽوري ذريعي وضاحت ڪندي چيو ته هن اسلام قبول ناهي ڪيو، هو اسلام سميت سمورن مذهبن ۽ عقيدن جو احترام ڪري ٿو.
هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن هو مستقبل ۾ اسلام قبول ڪرڻ جو فيصلو ڪندو ته ان جو اعلان پاڻ ڪندو.

 

You might also like