ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت 26 آگسٽ 12 ربيع الاول 1448 هجري جشن عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه 26 آگسٽ تي عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي عام موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، 26 آگسٽ تي سمورا سرڪاري ۽ خانگي ادارا بند رهندا.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪارپوريشنز ۽ لوڪل ڪائونسلز به 26 آگسٽ جي عام موڪل ۾ شامل هونديون.
You might also like