پي ٽي آءِ مولانا فضل الرحمان سان اپوزيشن اتحاد جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) پارلياماني پارٽي مولانا فضل الرحمان سان مخالف ڌر جي اتحاد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جو چوڻ آهي ته اڄ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي دعوت تي مخالف ڌر جي قيادت سندس رهائشگاهه ويندي.
هڪ سوال جي جواب ۾ اسد قيصر چيو ته حڪومت خلاف توهينِ عدالت جي ڪارروائي لاءِ عدليه سان رابطو ڪنداسين.
هن چيو ته اسان جو سڄو ڌيان هاڻي 27 سيپٽمبر واري تحريڪ تي هوندو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ جنيد اڪبر جو به چوڻ آهي ته مولانا سان ملاقات اڄ ٿيندي، پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ڪيترين ئي ڳالهين تي اتفاق ٿيو آهي، ڪوشش آهي ته حڪومت کان ناراض قوتون هڪ هنڌ گڏ ٿين.
واضح رهي ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان گذريل ڏينهن ”متحده اپوزيشن“ جي قيام جو اعلان ڪيو هو.
مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود اچڪزئي سان اهم ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ هن متحده اپوزيشن جي قيام جو اعلان ڪيو هو.

You might also like