ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ طرفان سوشل ميڊيا تي وڊيو ڪلپ اپلوڊ ڪندڙ ايليمينٽري اسڪول ٽيچر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيس موجب، 16 هين گريڊ جي استاد جعفر علي اسڪول جي احاطي ۾ سرڪاري وقت دوران سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ڪلپ اپلوڊ ڪئي، جنهن ۾ کاتي خلاف غلط يا من گهڙت الزام لڳايا ويا.
نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته استاد جو اهو عمل سنڌ سول سرونٽس ڪنڊڪٽ رولز ۽ حاضري جي فيس ويريفڪيشن سسٽم بابت پاليسي جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪو بدانتظامي ۽ فرض ۾ غفلت جي زمري ۾ اچي ٿو.
تعليم کاتي موجب، استاد خلاف سنڌ سول سرونٽس (ايفيشنسي اينڊ ڊسپلن) رولز 1973ع تحت ڪارروائي جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته کيس نوٽيس ملڻ جي تاريخ کان 14 ڏينهن اندر پنهنجو جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته استاد ٻڌائي سگهي ٿو ته هو ذاتي طور تي ٻڌڻي ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو يا نه، ٻي صورت ۾ مقرر مدي اندر جواب نه ڏيڻ جي صورت ۾ هڪ طرفي فيصلو ڪيو ويندو.
You might also like