ن ليگ جي چالاڪ سياسي چال، عمران خان جي اسپتال منتقلي روڪي ’اصل دٻاءُ‘ ڳولڻ جي ڪوشش

لاهور (سجاد انور(مسلم ليگ ن جي حڪومت هن وقت انتهائي چالاڪي سان سياسي چالون هلائي رهي آهي. حڪومت ڄاڻي واڻي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل روڪي اهو ڏسڻ چاهي ٿي ته عمران خان کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ اصل زور سپريم ڪورٽ طرفان اچي رهيو آهي يا ’ڪنهن ٻئي ڌر‘ مطلب اسٽيبلشمينٽ طرفان.

حيرت جوڳي ڳالهه اها سامهون آئي آهي ته ميان نواز شريف هن معاملي تي انتهائي سخت پيغام ڏنو آهي. سندس موقف آهي ته عمران خان کي هن وقت جيل ۾ ئي رکيو وڃي ۽ جيڪڏهن طبي بنيادن تي منتقلي لازمي به ٿي وڃي ته کيس اڳوڻي طريقي موجب رات جي اونداهي ۾ ’پمز‘ اسپتال وٺي وڃي طبي معائنو ڪرائڻ کانپوءِ ترت واپس آندو وڃي. حڪومت ان وقت تائين ڪو قدم نه کڻندي، جيستائين کيس پردي پٺيان اصل اشارو نه ملي.

جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ڌر جي خواهش آهي ته کيس الشفا موڪليو وڃي ته جڏهن اها ڌر فون ڪري پڇندي ته ”موڪليو ڇو نٿا؟“ تڏهن کين سمجهه اچي ويندو ته اهو زور ڪٿان اچي رهيو آهي.

تحريڪ انصاف اندر به سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي. هن وقت بشرا بي بي ۽ عليمه خان وچ ۾ خاموش سياسي مقابلو هلي رهيو آهي. بشرا بي بي ڇو چاهي ٿي ته عمران خان جلد ٻاهر اچي؟ ان جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته هوءَ سياسي ميدان مڪمل طور تي عليمه خان جي هٿن ۾ وڃڻ نٿي ڏيڻ چاهي، جيڪا هن وقت خيبر پختونخوا ۽ ميڊيا ۾ اڳين صف ۾ نظر اچي رهي آهي.

بشرا بي بي جو ’ٽو وي چينل‘ (سڌو رابطو) هن وقت بيرسٽر گوهر جي ڪوششن کان وڌيڪ اهم سمجهيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هوءَ جيل ۾ عمران خان سان باقاعدگي سان ملاقاتون ڪري ٿي ۽ مستقبل جي سياست تي سندس اثر عليمه خان لاءِ چئلينج بڻجي چڪو آهي.

سياسي حلقن ۾ هڪ دلچسپ بحث اهو به هلي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ (فيلڊ مارشل) بيرسٽر گوهر جي تمام گهڻي عزت ڪري ٿي. جيتوڻيڪ بيرسٽر گوهر جي عمران خان تائين سڌي رسائي محدود آهي ۽ سندس ڪوششون ’هڪ طرفيون‘ نظر اچن ٿيون، پر اسٽيبلشمينٽ سان سندس لاڳاپا مستقبل جي ڪنهن به ’سسٽم ري سيٽ‘ ۾ کيس اهم جاءِ ڏياري سگهن ٿا. ايتري قدر جو جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪو نئون بندوبست وجود ۾ اچي ٿو ته بيرسٽر گوهر ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، بشرطيڪ هو خان صاحب کي ان نئين رٿا تي راضي ڪرائي سگهي.

جيڪڏهن الشفا منتقلي بابت اها مبينا ڊيل ڪنهن سبب ڪري ناڪام ٿي وڃي ٿي ته پي ٽي آءِ وٽ هڪ نئون بيانيو تيار آهي. سماجي رابطن جي ذريعن تي اهو تاثر عام ڪيو ويندو ته عمران خان پاڻ ڊيل کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ته جيئن هو تاريخ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو وانگر امر ٿي سگهي.

ان صورت ۾ ڀٽو جو اهو مشهور جملو ٻيهر ورجايو ويندو ته: مان تاريخ جي هٿان مرڻ بدران جنرلَن جي هٿان مرڻ پسند ڪندس.“ پي ٽي آءِ هن بيانيي ذريعي عوامي همدردي حاصل ڪرڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ تي دٻاءُ وڌائڻ جو ارادو رکي ٿي.

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو تازو بيان ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، ن ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي لاڳاپن ۾ پوندڙ گهري ڏار جي نشاندهي ڪري ٿو.

بلاول محسن نقوي جي ’سسٽم ري سيٽ‘ واري تصور کي رد ڪندي چيو آهي ته محسن نقوي کي سياست جو تجربو ناهي. بلاول جو اصل سوال اهو آهي ته جڏهن 1973ع جي آئين کي ڪڏهن صحيح نموني هلڻ ئي نه ڏنو ويو ته پوءِ اهو ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته آئيني ڍانچو ناڪام ٿي ويو آهي؟

بلاول جو ن ليگ سان گڏجي ڪم ڪرڻ واري لاڳاپي کان پوئتي هٽڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هڪ صفحي تي هجڻ‘ واري ڪهاڻي هاڻي پڄاڻيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي.

You might also like