اسلام آباد (عمران شفقت(پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال تي نظر وجهون ته ڪڏهن ڪڏهن اهو مشهور گانو ياد اچي ٿو ته ”ظالمه ڪوڪا ڪولا پلا ڏي“، پر هاڻوڪي سياسي منظرنامي ۾ ڪوڪا ڪولا بدران عوام ۽ سياسي پارٽين کي ڪڙيون سياسي حقيقتون پياريون پيون وڃن.
ملڪ ۾ هن وقت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان کي رڳو سياسي اتفاق قرار ڏيڻ ڏکيو آهي، پر ائين محسوس ٿئي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه هڪ سوچيل سمجهيل ”بارگيننگ“ عمل جو حصو آهي، جتي اسلام آباد جي ايوانن ۾ سياسي بساط تي هلندڙ هر چال کي هڪ خاص مقصد لاءِ ”بارگيننگ ٽول“ طور استعمال ڪيو پيو وڃي.
سياست ۾ اڪثر ”موت ڏيکاري بخار تي راضي“ ڪرڻ وارو فارمولو اختيار ڪيو ويندو آهي ۽ هاڻوڪي سياسي حالتن ۾ پڻ ساڳي حڪمت عملي آزمائڻ جو تاثر ملي رهيو آهي.
تازن ڏينهن ۾ نون صوبن جي قيام بابت جنهن انداز سان بحث ۽ شور سامهون آيو، ان حوالي سان سياسي حلقن ۾ سوال اٿاريو پيو وڃي ته ڇا واقعي ان جو بنيادي مقصد نوان صوبا قائم ڪرڻ هو يا ان جي پٺيان ڪا وڌيڪ وسيع سياسي حڪمت عملي ڪارفرما هئي.
ذريعن موجب، نون صوبن جو معاملو اصل ۾ ”پلان بي“ يا ”پلان سي“ طور سامهون آندو ويو، ته جيئن ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين کي ڪنهن وڏي ”نيوڪليئر تبديلي“ لاءِ ذهني طور تي تيار ڪري سگهجي.
”محسن نقوي فارمولي“ تحت هن شور جو بنيادي مقصد سياسي اجاره دارين کي ٽوڙڻ ۽ مڪاني حڪومتن کي ايترو بااختيار بڻائڻ قرار ڏنو پيو وڃي، جو هيٺين سطح کان نئين سياسي قيادت جي اڀرڻ لاءِ رستو هموار ٿي سگهي.
هن تصور موجب شايد نون صوبن جو قيام بذاتِ خود اصل هدف نه هو، پر اصل مقصد پاڪستان جي گڏيل سياسي ڪلچر ۾ تبديلي آڻڻ ۽ اقتدار ۽ فيصلا سازي کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ هو.
سياسي حلقن ۾ اهو تاثر پڻ موجود آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو اصل هدف اقتدار ۽ سياسي اختيار کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ آهي، ۽ جيڪڏهن وڏيون سياسي پارٽيون نون صوبن جي ممڪن قيام جي خوف سبب اهڙي بااختيار مڪاني حڪومت جي ماڊل تي راضي ٿي وڃن، جنهن ۾ بلدياتي ادارن کي وڌيڪ اختيار حاصل هجن، ته ان حڪمت عملي جو بنيادي مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو.
اهڙيءَ ريت سياسي محاوري ۾ چئي سگهجي ٿو ته صوبن جي ”موت“ جو خوف ڏيکاري سياسي پارٽين کي بااختيار بلدياتي نظام جي ”بخار“ تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ٻئي پاسي سياسي ميدان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ڪردار کي پڻ مختلف انداز سان ڏٺو پيو وڃي. موجوده صورتحال ۾ ن ليگ ظاهري طور هڪ”تماشائي“ جو ڪردار اختيار ڪري ورتو آهي ۽ ان جو موجوده موقف ڪجهه هن ريت بيان ڪيو پيو وڃي ته ”هن ڀيري اسان ڇو لت جهليون؟“
يعني ن ليگ اهو چاهي ٿي نظر اچي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي وچ ۾ سڌي ريت مقابلو ٿئي ۽ اها پاڻ هن سياسي ڇڪتاڻ جي اثرن کان محفوظ رهي.
هن صورتحال ۾ ن ليگ جي حڪمت عملي بظاهر اها آهي ته اها ڪنهن اهڙي تڪرار ۾ سڌي ريت ڌر نه بڻجي، جنهن جا سياسي نتيجا مستقبل ۾ ان لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ٻئي پاسي اقتدار جي هاڻوڪي ڍانچي ۾ مختلف سياسي خاندانن وچ ۾ طاقت ۽ وسيلن جي ورڇ بابت پڻ نيون صف بنديون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.
سياسي حلقن ۾ ”ورهائي کائو“ واري فارمولي جي ڳالهه پڻ ساڳئي پسمنظر ۾ ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت اقتدار ۽ سياسي اثر رسوخ کي مختلف خاندانن ۽ گروهن وچ ۾ ورهائڻ جون تياريون ٿيڻ جو تاثر آهي.
اهڙيءَ ريت موجوده سياسي صورتحال کي رڳو نون صوبن جي بحث تائين محدود نٿو ڪري سگهجي، پر ان جي پٺيان اقتدار جي ورڇ، سياسي اجاره دارين جي خاتمي، بلدياتي ادارن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مستقبل جي سياسي قيادت جي جوڙجڪ جهڙا وڏا سوال پڻ موجود آهن.
اسلام آباد ۾ وڇايل هن سياسي بساط تي بظاهر هر ڌر پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ چال هلي رهي آهي ۽ نون صوبن جو معاملو پڻ ساڳئي وڏي سياسي سوديبازي جي عمل ۾ دٻاءَ جي هڪ اوزار طور استعمال ٿيندو نظر اچي رهيو آهي، جنهن جو حتمي نتيجو ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان جي سياسي ڍانچي، سياسي پارٽين جي طاقت ۽ اقتدار جي هيٺين سطح تائين منتقلي بابت اهم تبديلين جي صورت ۾ سامهون اچي سگهي ٿو.