”عمران خان کي علاج لاءِ پرڏيهه موڪلي سگهجي ٿو“، وفاقي وزير جو وڏو بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ باني جي علاج بابت عدالتي حڪم جي پابند آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان جو علاج سرڪاري اسپتال ۾ نه ٿي سگهيو ته کيس شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو ويندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني کي پرڏيهه موڪلڻ بابت به فيصلو ٿي سگهي ٿو.
طارق فضل چوڌري سينيٽ ۾ خطاب ڪندي چيو ته هو اڳ به ايوان ۾ چئي چڪو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي من و عن عمل ڪيو ويندو.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو مقصد رڳو اها وضاحت حاصل ڪرڻ هو ته اهو فيصلو صرف هڪ قيدي لاءِ آهي يا ملڪ جي ٻين سمورن قيدين تي به لاڳو ٿئي ٿو.
ياد رهي ته حڪومت وٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت عدالتي حڪم تي عملدرآمد لاءِ هاڻي ڪجهه ڪلاڪ باقي آهن، جڏهن ته حڪم تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي تياري ڪري ورتي آهي.
پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا اڄوڪي ڏينهن کي فيصلائتو قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت عدالتي حڪم خلاف نظرثاني درخواست واپس وٺي چڪي آهي، تنهن ڪري هاڻي وٽس پي ٽي آءِ باني کي اسپتال منتقل ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو آپشن ناهي.
ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پي ٽي آءِ باني کي اسپتال منتقل ڪرڻ واري حڪم خلاف نظرثاني درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي هئي.
ذريعن موجب، اعتراض ختم ڪري نئين نظرثاني درخواست اڄ ئي داخل ڪرڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like