اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 32 رپيا لاٿ سٺو سنئوڻ آهي، ان حوالي سان پيٽروليم وزارت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
شهباز شريف چيو ته خطي جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ريفائنريون ۽ گئس پلانٽ بند آهن، عالمي صورتحال جا اثر پاڪستان تي به پون ٿا، جڏهن ته حڪومت ڏکين حالتن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ 128 ارب رپيا مختص ڪيا آهن.
وزيراعظم چيو ته حڪومت مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، مخالف ڌر تي آهي ته اها ڪيستائين ڳالهين جي ميز تي اچي ٿي.
تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، مخالف ڌر کي ڳالهين جي ميز تي اچڻو پوندو: وزيراعظم
You might also like