ڪابينا پاران ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026 ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ(وفاقي ڪابينا ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026 جي مسودي ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ايڪٽ 2010ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهي فيصلا ڪيا ويا.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026 جو مسودو 27هين آئيني ترميم تحت ڪيل تبديلين جي تسلسل ۾ تيار ڪيو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته قانون جو مقصد چيف آف ڊفينس فورسز جي عهدي ۽ چيف آف ڊفينس فورسز هيڊڪوارٽرز بابت انتظامي معاملن جو تعين ڪرڻ آهي.
ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026 جو مسودو منظوري لاءِ پارليامينٽ جي موجوده اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.
وفاقي ڪابينا نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ايڪٽ 2010ع ۾ ترميم جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
بيان موجب، 27هين آئيني ترميم کانپوءِ هن قانون ۾ تبديلي ضروري قرار ڏني وئي هئي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ايڪٽ 2010ع جو ترميم ٿيل مسودو پڻ منظوري لاءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

You might also like