عمران خان جي اسپتال منتقلي ۾ دير، پي ٽي آءِ جو عدالت سان رابطي جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي رات 12 هين وڳي تائين اسپتال منتقل نه ڪيو ويو ته ان خلاف عدالت سان رابطو ڪيو ويندو.
پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي ٻن ڏينهن اندر اسلام آباد جي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو وڃي، ان باوجود به اڃا تائين ان حڪم تي عمل نه ڪيو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن عمران خان کي اڄ رات 11 لڳي 59 منٽن تائين اسپتال منتقل نه ڪيو ويو ته عدالت پاڻ توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪري سگهي ٿي ۽ ائين ڪرڻ مناسب هوندو.
پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ائين نه ڪيو ته سندن قانوني ٽيم هڪ درخواست تيار ڪري رکي آهي، جيڪا سڀاڻي صبح عدالت ۾ داخل ڪئي ويندي.
ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو هو تهعمران خان کي فوري طور شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻو پوندو.
هن سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي ته حڪومت سپريم ڪورٽ مان نظرثاني درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت وٽ هاڻي سپريم ڪورٽ جي 18 آگسٽ واري حڪم تي عمل نه ڪرڻ لاءِ ڪو به جواز موجود ناهي.
واضح رهي ته 18 آگسٽ تي سپريم ڪورٽ راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ٻن ڏينهن اندر اسلام آباد جي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
عدالت اهڙو ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي به هدايت ڪئي هئي، جنهن ۾ عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽر فيصل ۽ سندس ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ خان پڻ شامل هجن.
وفاقي حڪومت عمران خان کي علاج لاءِ شفا اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪئي هئي.
سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس پاڪستان پي ٽي آ ءِ باني عمران خان خلاف وفاقي حڪومت طرفان داخل ڪرايل نظرثاني درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي آهي.

You might also like