عمران خان کي خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ خلاف حڪومتي نظرثاني درخواست اعتراض لڳائي واپس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آ ءِ) جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي اسلام آباد جي خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت عدالتي فيصلي خلاف وفاقي حڪومت طرفان داخل ڪيل نظرثاني درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي.
رجسٽرار آفيس پاران لڳايل اعتراضن ۾ اهو نڪتو پڻ شامل آهي ته نظرثاني درخواست سان گڏ جمع ڪرايل فائيل ورڪ اڻپورو هو.
وفاقي حڪومت اسلام آباد جي چيف ڪمشنر ذريعي اربع ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي هئي ته عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ 18 آگسٽ تي حڪم ڏنو هو ته عمران خان کي علاج جي مقصد لاءِ ٻن ڏينهن اندر اسلام آباد جي هڪ خانگي اسپتال منتقل ڪيو وڃي.
سپريم ڪورٽ جي ڊائري برانچ جي هڪ اهلڪار موجب، وفاقي حڪومت جي نظرثاني درخواست کي ڊائري نمبر جاري ٿي چڪو هو، تنهن ڪري درخواستگذار پنهنجي طرفان اها درخواست واپس نٿو وٺي سگهي.
هوڏانهن سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ عمران خان کي ڪنهن به وقت علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري سگهجي ٿو.
اسلام آباد پوليس جي ذريعن موجب، عدالتي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ عمران خان کي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سيڪيورٽي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
اهلڪار موجب اسپتال انتظاميا جي سهڪار سان ان فلور جي به سيڪيورٽي ڪليئرنس ۽ اسڪيننگ ڪئي وئي آهي، جتي اڳوڻي وزيراعظم کي علاج لاءِ رکيو ويندو.

You might also like