هڪ ڏينهن سستو ٿيڻ کانپوءِ سون يڪدم هزارين رپيا مهانگو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ في تولو سون 13 هزار 700 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 71 هزار 936 رپين جو ٿي ويو آهي.
ان کانسواءِ 10 گرام سون 11 هزار 746 رپيا واڌ سان 4 لک 4 هزار 609 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس 137 ڊالر جي اضافي سان 4 هزار 495 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

 

You might also like