آمريڪي سفير جو ڪشمير بابت بيان، پاڪستان جو ناظم الامور آڏو سخت احتجاج

اسلام آباد/ سري نگر (م ڊ) ڀارت ۾ آمريڪي سفير ۽ ڏکڻ ۽ وچ ايشيا لاءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص نمائندي سرگئي گور والاريل ڪشمير جي دوري دوران ڪشمير کي ”ڀارت جو اهم حصو“ قرار ڏيندي مقامي انتظاميا جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي، سرگئي گور جي ٻن ڏينهن واري ڪشمير ۽ لداخ جي دوري کي سندس خاص حيثيت سبب غيرمعمولي اهميت ڏني پئي وڃي، جڏهن ته وڏي وزير عمر عبدالله سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان مختصر ڳالهائيندي هن محتاط ۽ لڳ ڀڳ غيرجانبدار انداز اختيار ڪيو، هن چيو ته ڪشمير اچي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، هي انتهائي خوبصورت ماڳ آهي، هن ٻڌايو ته عمر عبدالله سان سندس ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جنهن دوران مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سرگئي گور چيو ته ڳالهين جي موضوعن تي کيس واشنگٽن ۽ نئين دهلي ۾ وڌيڪ ڳالهائڻو آهي، وڌيڪ ملاقاتن جا دور پڻ باقي آهن، ان موقعي تي عمر عبدالله ملاقات کي اطمينان بخش قرار ڏيندي چيو ته ڪجهه پراڻا مسئلا موجود آهن، جن جي حل لاءِ ايندڙ وقت ۾ ڪم ڪرڻو پوندو، پر اهي ڳالهيون اڳتي هلي سرگئي گور ۽ واشنگٽن کانسواءِ سندس ۽ نئين دهلي وچ ۾ به جاري رهنديون، آمريڪي شهرين جي ڪشمير سفر بابت پابندين جي سوال تي سرگئي گور چيو ته انهن پابندين جو وقت به وقت جائزو ورتو ويندو آهي، هن چيو ته هي انتهائي خوبصورت ماٿري آهي، نئين دهلي ۽ مقامي انتظاميا حالتون بهتر بڻائڻ ۽ علائقي کي وڌيڪ محفوظ ڪرڻ لاءِ ذڪر جوڳ ڪم ڪيو آهي، ڪشمير انڊيا جو اهم حصو آهي، ٻئي پاسي پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري ۽ تڪراري علائقي جي حيثيت بابت آمريڪي بيان تي پاڪستان ۾ موجود آمريڪي سفارتي نمائنده نيٽلي بيڪر کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو، پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتي عملدار سفير نيٽلي بيڪر کي پرڏيهي وزارت طلب ڪيو ويو، جتي پاڪستان طرفان آمريڪي بيان تي سخت خدشن کان آگاهه ڪيو ويو، پرڏيهي وزارت موجب ڀارت ۾ مقرر آمريڪي سفير جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ۽ ان حوالي سان ڏنل بيان غيرذميواراڻو آهي، جيڪو ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت آمريڪا جي ڊگهي عرصي کان واضح موقف جي ابتڙ آهي، آمريڪي سفير جو بيان عالمي قانون جي بالادستي ۽ گڏيل قومن جي منشور بابت آمريڪا جي عزم جي به ابتڙ آهي، پاڪستان آمريڪي حڪومت تي زور ڏنو ته اها يقيني بڻائي ته ان جا عوامي بيان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت سان مطابقت رکن.

You might also like