ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ تعليم کاتي جي مانيٽرنگ ونگ 6220 اسڪولن جون عمارتون زبون حال ۽ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيون آهن، جڏهن ته چوماسي جي برساتن دوران انهن اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي ٻين محفوظ اسڪولن ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، شاگردن جي منتقلي بابت تعليم کاتي پاران هدايت نامو جاري ڪيو ويو جنهن موجب سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ زبون حال ۽ خسته حال اسڪولن جي شاگردن کي ويجهن اسڪولن ۾ منتقل ڪيو ويندو، هدايت نامي موجب سنڌ جي 30 ضلعن ۾ خطرناڪ ۽ جزوي طور زبون حال اسڪولن جي فهرست ڊپٽي ڪمشنرن کي ملي چڪي آهي، ڊپٽي ڪمشنرن کي تعليم کاتي جي اختيارين سان مشاورت ڪري متبادل انتظام ڪرڻ ۽ خطرناڪ اسڪولن جون عمارتون خالي ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي، بدين، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۾ خطرناڪ اسڪولن جو انگ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنرن تعليم کاتي جي اختيارين سان مشاورت کانپوءِ شاگردن لاءِ متبادل اسڪولن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.