پاڪستان جي سياست ۾ ڪجهه فيصلا رڳو هڪ فرد جي ذاتي معاملي تائين محدود ناهن رهندا، پر اهي ملڪ جي مجموعي سياسي ماحول، ادارن جي لاڳاپن ۽ مستقبل جي سياسي رخن بابت ڪيترائي سوال پيدا ڪندا آهن. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان کي اڊيالا جيل مان اسلام آباد جي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جو حڪم به اهڙو ئي فيصلو نظر اچي رهيو آهي، جنهن جا اثر عمران خان جي صحت ۽ علاج کان گهڻو اڳتي ويندي سياسي منظرنامي تائين پهچي رهيا آهن.
سپريم ڪورٽ جي ٽن رڪني بئنچ، جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾، عمران خان کي ٻن ڏينهن اندر شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت نه رڳو سندس علاج لاءِ طبي بورڊ جوڙڻ جي هدايت ڪئي، پر ان ۾ ڪارڊيولاجسٽ ۽ ميڊيسن اسپيشلسٽ سان گڏ سندس ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ خان ۽ ذاتي معالج ڊاڪٽر فيصل سلطان کي به شامل ڪرڻ جو چيو آهي. اسپتال جا خرچ سندس وارثن طرفان ادا ڪرڻ، حڪومت پاران سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۽ هفتي ۾ هڪ ڏينهن خاندان سان ملاقات ڪرائڻ جون هدايتون به حڪم جو حصو آهن. پر هن فيصلي جي اهميت صرف ان ڪري ناهي ته هڪ سياسي قيدي کي نجي اسپتال ۾ علاج جي سهولت ملي رهي آهي. اصل اهميت ان ڳالهه ۾ آهي ته عدالت هڪ طرف عمران خان جي صحت کي بنيادي انساني حق سان ڳنڍيو آهي، ته ٻئي طرف رليف سان گڏ واضح شرطون به لاڳو ڪيون آهن. پي ٽي آءِ، سندس خاندان ۽ ڪارڪنن کي صحت جي معاملي کي سياسي مهم ۾ تبديل نه ڪرڻ، اسپتال ٻاهران سياسي ميڙ نه ڪرڻ ۽ امن امان جي صورتحال خراب نه ڪرڻ جي پابندي قبول ڪرڻي پوندي. انهيءَ مان واضح ٿئي ٿو ته عدالت جو فيصلو ڪنهن هڪ ڌر کي مڪمل سياسي آزادي ڏيڻ بدران هڪ متوازن فريم ورڪ قائم ڪرڻ جي ڪوشش آهي. عمران خان کي علاج جي سهولت ملي ٿي، پر ساڳئي وقت پي ٽي آءِ کي به ذميواريءَ جو پابند بڻايو ويو آهي. جيڪڏهن انهن شرطن جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي ته رليف واپس وٺڻ جو رستو به کليل رکيو ويو آهي. حڪومت کي به اهو حق ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن کيس لڳي ته عدالتي رليف جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي ته عدالت سان رجوع ڪري سگهي.
هتي هڪ بنيادي اصول به سامهون اچي ٿو: سياسي اختلاف ۽ قيد ڪنهن شخص جي علاج جي حق کي ختم نٿا ڪن. اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي جو اهو موقف به انهيءَ ئي اصول جي عڪاسي ڪري ٿو ته هر قيدي کي علاج، خاندان ۽ وڪيلن سان ملاقات سميت بنيادي حق ملڻ گهرجن. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق جو عمران خان جي اسپتال منتقلي جي آجيان ڪرڻ ۽ ڊاڪٽر ياسمين راشد، اعجاز چوڌري، عمر چيما، ميان محمود الرشيد ۽ ٻين قيدين لاءِ به اهڙي ئي انساني رعايت جي ڳالھ ڪرڻ ان بحث کي وڌيڪ وسيع بڻائي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت جو ردعمل به سياسي طور اهم آهي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ پاران عدالتي فيصلي تي نظرثاني لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ٻڌائي ٿو ته حڪومت کي خدشو آهي ته هڪ خاص قيدي لاءِ نجي اسپتال جي سهولت مستقبل ۾ ٻين ڪيسن لاءِ به مثال بڻجي سگهي ٿي. حڪومت جو سوال آهي ته جيڪڏهن جيلن ۾ ٻين قيدين کي به صحت جا مسئلا آهن ته ڇا ساڳيو اصول انهن سڀني تي لاڳو ٿيندو؟
اهو سوال قانوني ۽ انتظامي طور بحث طلب ضرور آهي، پر انساني حقن جي بنيادي اصول کي سياسي حساب ڪتاب کان الڳ رکڻ به ضروري آهي. قيدي جي صحت کي سياسي وابستگي جي بنياد تي ڏسڻ بدران قانون، طبي ضرورت ۽ انساني حقن جي معيار تي ڏسڻ گهرجي. جيڪڏهن عمران خان لاءِ ڪو طبي بنياد موجود آهي ته اهو حق ٻين قيدين لاءِ به ساڳئي اصول تحت موجود هجڻ گهرجي.پ پ اڳواڻن سپريم ڪورٽ فيصلي کي وڏي خبر قرار ڏئي ڇڏيو، عمران بابت فيصلي تي سوالن جا جواب ڏيندي پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي چيو ته ڪورٽ جي آرڊر تي اسپتال منتقلي ٿي وڃي ته اھا وڏي خبر آهي، ٻئي طرف نبيل گبول چيو آھي ته عمران جي ڪيس ۾ به پليٽيليٽس جي ڪهاڻي ورجائي پئي وڃي.
ٻئي طرف پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري جو چوڻ آھي ته عدالتي فيصلي تي عمل ڪيو ويندو، حڪومت جي اندر موجود مختلف لهجن کي ظاهر ڪري ٿو. هڪ طرف حڪومت عدالتي حڪم کي چئلينج ڪرڻ جو سوچي رهي آهي، ته ٻي طرف حڪومتي نمائندا پارليامينٽ ۾ عدالتي فيصلي جي احترام ۽ ان تي عملدرآمد جي ڳالھ ڪري رهيا آهن. ان تضاد مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت پاڻ به سياسي ۽ قانوني طور حساس صورتحال کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
پي ٽي آءِ لاءِ هي فيصلو يقيني طور هڪ وڏي سياسي ۽ اخلاقي ڪاميابي طور پيش ڪرڻ جو موقعو آهي. سلمان اڪرم راجا ان کي اميد جو ڪرڻو قرار ڏيندي چيو ته پارٽي هڪ ڊگهي عرصي کان عمران خان جي اسپتال منتقلي جو مطالبو ڪندي رهي آهي. پر پي ٽي آءِ لاءِ هن فيصلي جو سڀ کان اهم امتحان اهو آهي ته ڇا اها عدالت پاران لاڳو ڪيل شرطن تي مڪمل عمل ڪري سگهي ٿي؟ ڪارڪنن کي اسپتال بدران گهرن ۾ رهي عمران خان لاءِ دعا ڪرڻ جي اپيل ۽ اسپتال ٻاهران ميڙ نه ڪرڻ جو واعدو سياسي بلوغت جو امتحان پڻ آهي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ واقعي عدالت جي شرطن تي عمل ڪري ٿي ته ان سان پارٽي کي اهو تاثر ڏيڻ جو موقعو ملندو ته اها احتجاج سان گڏ ادارتي ۽ عدالتي عمل جي احترام کي به اهميت ڏئي ٿي. ان جي ابتڙ، جيڪڏهن اسپتال کي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻايو ويو ته حڪومت کي عدالتي رليف جي غلط استعمال جو الزام لڳائڻ لاءِ مضبوط دليل ملي سگهي ٿو.
ان فيصلي جو هڪ ٻيو اهم پاسو عمران خان جي سياست ۾ مستقبل جي ڪردار سان لاڳاپيل آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر جو اهو چوڻ ته ڪنهن کي سياسي حربن ذريعي مائنس نٿو ڪري سگهجي، دراصل پارٽي جي ان بنيادي سياسي موقف کي ظاهر ڪري ٿو ته عمران خان اڃا به پارٽي جي مرڪزي سياسي طاقت آهي. اسپتال منتقل ٿيڻ سان سندس سياسي اثر گهٽجڻ بدران، جيڪڏهن احتياط سان سياسي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي، ته اهو اثر نئين شڪل ۾ سامهون اچي سگهي ٿو. انهيءَ پسمنظر ۾ تجزئي نگارن پاران عمران خان جي اسپتال منتقلي کي نون صوبن يا انتظامي يونٽن جي بحث سان ڳنڍڻ به پاڪستان جي موجوده سياست ۾ هڪ نئون سوال پيدا ڪري ٿو. شاه زيب خانزاده، منيب فاروق ۽ منصور علي خان جهڙن تجزيہ نگارن جي بحث ۾ اهو خيال سامهون آيو آهي ته جيڪڏهن مستقبل ۾ نون انتظامي يونٽن يا صوبن جي قيام جو عمل اڳتي وڌي ٿو ته ان جا سياسي فائدا ڪنهن هڪ پارٽي تائين محدود نه رهندا. نون صوبن جو معاملو پاڪستان ۾ ڪو نئون بحث ناهي. پنجاب ۾ نون صوبن، خيبرپختونخوا ۾ هزارا ۽ ٻين علائقن ۾ انتظامي سڃاڻپ جا مطالبا مختلف وقتن تي سامهون ايندا رهيا آهن. جي يو آءِ سربراھ مولانا فضل الرحمان جو موقف به اهو آهي ته اصولي طور نون انتظامي يونٽن جي مخالفت ناهي، پر صوبن جو سوال ملڪ جي بنيادي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ سياسي طور استعمال نه ٿيڻ گهرجي.
هتي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته عمران خان جي اسپتال منتقلي ۽ نون صوبن جي بحث کي سڌيءَ طرح هڪ ئي منصوبي جا ٻه حصا قرار ڏيڻ وقت احتياط جي ضرورت آهي. سياسي تجزيو ۽ سياسي ثبوت به مختلف شيون آهن. اسپتال منتقلي جو عدالتي حڪم پنهنجي جاءِ تي هڪ قانوني ۽ طبي معاملو آهي، جڏهن ته نون صوبن جو قيام آئيني، انتظامي، سياسي ۽ عوامي اتفاق راءِ سان لاڳاپيل هڪ تمام وڏو معاملو آهي. ٻنهي کي ڳنڍڻ لاءِ وڌيڪ مضبوط شواهد جي ضرورت هوندي.
ساڳيءَ ريت پي ٽي آءِ لاءِ به هي فيصلو صرف جشن جو موقعو ناهي. عدالت پاران واضح ڪيل شرطن تي عمل ڪرڻ، ڪارڪنن کي نظم ۽ ضبط ۾ رکڻ، عمران خان جي صحت کي سياسي نعريبازي کان مٿانهون رکڻ ۽ ڳالهين جا دروازا کليل رکڻ پارٽي لاءِ وڌيڪ اهم آهي. سياست ۾ هر رعايت کي ڊيل ۽ هر قانوني فيصلي کي سازش سمجهڻ جو رويو ملڪ کي اڳتي نه وٺي ويندو.
عمران خان جي اسپتال منتقلي جيڪڏهن رڳو هڪ طبي ضرورت جي طور تي اڳتي وڌي ٿي، ته اها هڪ قيدي جي بنيادي حقن جي تحفظ جو معاملو رهندي. پر جيڪڏهن ان سان گڏ سياسي ڌريون ذميواراڻو رويو اختيار ڪن، ڳالهين جو عمل شروع ٿئي ۽ ملڪ جي انتظامي ۽ آئيني مسئلن تي سنجيده بحث ٿئي، ته پوءِ هي فيصلو پاڪستان جي سياست ۾ هڪ وڏي تبديليءَ جو ابتدائي اشارو به بڻجي سگهي ٿو. سڀ کان بهتر رستو اهو ئي آهي ته عمران خان جي صحت کي سياست کان الڳ رکيو وڃي، عدالتي حڪم تي مڪمل عمل ڪيو وڃي، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ٻنهي کي پنهنجون ضمانتون پوريون ڪرڻ گهرجن، ۽ نون صوبن سميت ملڪ جي مستقبل جي انتظامي ڍانچي بابت بحث کي افواهن ۽ سياسي اشارن بدران آئيني، عوامي ۽ پارلياماني عمل ذريعي اڳتي وڌايو وڃي. پاڪستان کي هن وقت وڌيڪ سياسي تڪرارن جي ضرورت ناھي ، جيڪڏھن ضرورت آھي سياسي سنجيدگي جي ضرورت آهي، جيڪا ادارن، عدالتن ۽ سياسي ڌرين وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ طرف وٺي وڃي.
تجزئي نگارن پاران عمران خان جي اسپتال منتقلي کي نون صوبن يا انتظامي يونٽن جي بحث سان ڳنڍڻ به پاڪستان جي موجوده سياست ۾ هڪ نئون سوال پيدا ڪري ٿو. شاه زيب خانزاده، منيب فاروق ۽ منصور علي خان جهڙن تجزيہ نگارن جي بحث ۾ اهو خيال سامهون آيو آهي ته جيڪڏهن مستقبل ۾ نون انتظامي يونٽن يا صوبن جي قيام جو عمل اڳتي وڌي ٿو ته ان جا سياسي فائدا ڪنهن هڪ پارٽي تائين محدود نه رهندا.