پاڪستان، انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جو شيڊيول سامهون اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جو تجويز ڪيل شيڊeول سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان کانسواءِ انگلينڊ ۽ سريلنڪا جون ٽيمون شامل هونديون.
تجويز ڪيل شيڊeول موجب ٽه ملڪي ون ڊي سيريز 18 آڪٽوبر کان پهرين نومبر تائين کيڏي ويندي، سيريز جو پهريون مرحلو راولپنڊي ۾ ٿيندو.
ذريعن موجب, راولپنڊي ۾ ميچون 18، 20 ۽ 22 آڪٽوبر تي ڪرائڻ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي مرحلي ۾ ميچون لاهور ۾ 25، 27 ۽ 29 آڪٽوبر تي ڪرايون وينديون، جڏهن ته تجويز ڪيل شيڊيول ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جو فائنل پهرين نومبر تي لاهور ۾ ڪرائڻ جي تجويز آهي.
ذريعن موجب، سمورن بورڊز جي گڏيل صلاح مشوري سان شيڊيول کي جلد حتمي شڪل ڏئي اعلان ڪيو ويندو.
سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم دوري دوران 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون پڻ کيڏندي، جڏهن ته سريلنڪا سان سيريز جي وينيوز ۽ تاريخن بابت مشاورت جاري آهي.

 

You might also like