هڪ دوست وڏي درد ڀري انداز ۾ سوال ڪيو ته اوهان نون صوبن جي مخالفت ڇو ڪري رهيا آهيو؟ خاڪِسار جواب ۾ چيو ته مان نون صوبن جي مخالفت نه پيو ڪريان، پر رڳو اها گذارش ڪري رهيو آهيان ته نوان صوبا 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 239 جي ذيلي شق 4 موجب قائم ڪيا وڃن. جنهن صوبي جي اسيمبلي نئين صوبي جي حق ۾ فيصلو ڏئي، اتي نئون صوبو ضرور ٺاهيو وڃي. دوست وڏي نصيحت واري انداز ۾ چيو ته جيڪو به نون صوبن جي مخالفت ڪندو، اهو وڏو نقصان کڻندو. پوءِ ان پراڻي دوست کلندي چيو ته جيڪڏهن اسان نئين آئيني ترميم ذريعي ڪو رستو ڪڍي وٺون ته پوءِ اوهان کي اعتراض نه هوندو؟ مون به کلندي چيو ته ڀاءُ، مان اعتراض ڪرڻ وارو ڪير آهيان؟ اوهان جي مرضي، آئين کي پنهنجي مرضيءَ مطابق جيئن بدلائڻو آهي، بدلائي ڇڏيو. دوست ڪجهه بي تڪلف آهي ۽ اتفاق سان اڃا تائين مسلم ليگ (ن) جو وزير به آهي. چوڻ لڳو ته اسان پنهنجي مرضيءَ سان ڪو فيصلو نٿا ڪريون، جيڪو به ڪريون ٿا، قومي مفاد ۾ ڪريون ٿا. ڳالهه اتي ختم ٿي وئي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون جان جي امان پائيندي هڪ وي لاگ ۾ رڳو اها گذارش ڪئي ته پاڪستان ۾ نوان صوبا ضرور ٺاهيو، پر سنڌ ۽ پنجاب کان انهن جي سڃاڻپ نه کسيو، ڇو ته لفظ ”پاڪستان“ اصل ۾ پنجاب، افغانيه (خيبر پختونخوا)، ڪشمير، سنڌ ۽ بلوچستان جي نمائندگي ڪري ٿو. منهنجي هن مؤدبانه گذارش جي جواب ۾ ڪجهه محب وطن حضرات وڏي طنزيه انداز ۾ پڇيو ته توکي ڪنهن ٻڌايو آهي ته لفظ پاڪستان چئن صوبن جي نمائندگي ڪري ٿو؟ جڏهن پاڪستان ٺهيو ته اوڀر بنگال به پاڪستان ۾ شامل هو، ته پوءِ لفظ پاڪستان ۾ بنگال جي نمائندگي ڇو نظر نه آئي؟ اهڙو سوال اهو ئي ماڻهو ڪري سگهي ٿو، جيڪو تاريخ کان بلڪل بي خبر هجي، پر پاڻ کي عقلِ ڪُل سمجهندو هجي.
هونئن ته لفظ ”پاڪستان“ پهريون ڀيرو ڪشميري صحافي غلام حسن شاهه ڪاظمي استعمال ڪيو هو، جنهن 1928ع ۾ هفتيوار ”پاڪستان“ جاري ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ايبٽ آباد کي درخواست ڏني هئي، پر هن لفظ کي پهريون ڀيرو ”پاڪستان“ جي نالي سان هڪ الڳ رياست طور چوڌري رحمت علي 1933ع ۾ استعمال ڪيو. هن پاڪستان موومينٽ طرفان هڪ پمفليٽ لکيو، جنهن جو عنوان ”Now or Never“ (هاڻي يا ڪڏهن به نه) هو. هي لفظ شروعات ۾ ”Pakstan“ هو، جنهن ۾ ”i“ شامل نه هو. پوءِ اسلام جي نمائندگي لاءِ ”i“ شامل ڪيو ويو ۽ اهو ”Pakistan“ بڻجي ويو.
چوڌري رحمت علي ”پاڪستان“ يعني پاڪ سرزمين ۾ دهلي سميت سڄي پنجاب کي شامل ڪيو. هن نئين ملڪ ۾ افغانيه، يعني خيبر پختونخوا، ڪشمير، سنڌ ۽ بلوچستان کي به شامل ڪيو. هن بنگال ۽ آسام لاءِ هڪ الڳ ملڪ ”بنگستان“ جي نالي سان تجويز ڪيو هو.
23 مارچ 1940ع تي آل انڊيا مسلم ليگ پنهنجي سالياني اجلاس، جيڪو لاهور ۾ ٿيو، ۾ جيڪا قرارداد منظور ڪئي، ان ۾ ”پاڪستان“ جو لفظ شامل نه هو، پر ان قرارداد ۾ اتر اولهه هندستان ۽ اوڀر هندستان جي مسلم اڪثريتي علائقن تي مشتمل رڳو هڪ رياست نه، پر ”رياستن“ جي قيام جو مطالبو ڪيو ويو هو. آل انڊيا مسلم ليگ بنگال ۽ پنجاب جي ورهاڱي جي خلاف هئي. جڏهن مسلم ليگ کي يقين ٿي ويو ته برطانوي حڪومت ۽ ڪانگريس جي ڳٺ جوڙ سبب بنگال ورهائجي ويندو، تڏهن 1946ع ۾ دهلي ۾ هڪ قرارداد منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ متحد بنگال جي وزيراعظم حسين شهيد سهروردي بنگال کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اهو ئي سهروردي هو، جنهن کي 1962ع ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان غدار قرار ڏئي جيل ۾ قيد ڪيو هو.
1947ع ۾ اوڀر بنگال پاڪستان جو حصو ته بڻجي ويو، پر 1971ع ۾ پاڪستان کان الڳ ٿي بنگلاديش بڻجي ويو. منهنجي گذارش رڳو ايتري آهي ته سنڌ اسيمبلي 1943ع ۾ ۽ پنجاب اسيمبلي 23 جون 1947ع تي پاڪستان جي حق ۾ فيصلا ڏنا هئا. نوان صوبا ٺاهڻا آهن ته ضرور ٺاهيو، پر انهن صوبن جي سڃاڻپ نه کسيو، جن پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو. نون صوبن جي حق ۾ ڀارت جو مثال نه ڏنو وڃي، جتي 1947ع ۾ 9 رياستون هيون ۽ اڄ 28 رياستون ۽ 8 وفاق جي انتظام هيٺ يونٽ آهن. ڀارت ۽ پاڪستان جي آبادي ۾ تمام وڏو فرق آهي. اڄ به ڀارتي رياست اتر پرديش جي آبادي 24 ڪروڙ آهي، جيڪا پاڪستان جي ڪل آبادي جي برابر آهي. بهار جي آبادي 13 ڪروڙ ۽ مهاراشٽرا جي آبادي 12 ڪروڙ آهي. ان جي مقابلي ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي آبادي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ سنڌ جي آبادي لڳ ڀڳ 6 ڪروڙ آهي.ٻن صوبن، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جا حال اڳ ئي خراب آهن ۽ هاڻي آزاد ڪشمير ۾ به بي چيني آهي. اهڙو ڪو قدم نه کنيو وڃي، جنهن مان فائدو وٺي پاڪستان جا دشمن سنڌ ۾ به نفرتن جي باهه ڀڙڪائڻ ۾ مصروف ٿي وڃن.
چوڌري رحمت علي جنهن پاڪستان جو نالو تجويز ڪيو هو، ان ۾ ڀارتي پنجاب به شامل هو. هن جيڪو ”بنگستان“ جو منصوبو پيش ڪيو هو، ان ۾ ڀارتي رياستون مغربي بنگال ۽ آسام به شامل هيون. اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڀارت جي قومي تراني ۾ اڄ به سنڌ جو ذڪر موجود آهي. اهو ترانو 1911ع ۾ لکيو ويو هو، جڏهن ته ”اکنڊ ڀارت“ جو منصوبو ان کان به پراڻو آهي. هندو انتهاپسندن جا ارادا ڪنهن کان لڪل ناهن. انهن ئي ارادن جي خلاف چوڌري رحمت علي رڳو پاڪستان نه، پر بنگستان سميت ڏهن نين مسلم رياستن جو منصوبو پيش ڪيو هو. هن انهن ڏهن مسلم رياستن تي مشتمل هڪ ”پاڪ ڪامن ويلٿ“ جو تصور به ڏنو هو، جيڪو اصل ۾ ”اکنڊ ڀارت“ جي منصوبي جو توڙ هو.
1947ع ۾ اوڀر پنجاب، مغربي بنگال ۽ ڄمون ۽ ڪشمير کان سواءِ پاڪستان جي قيام تي چوڌري رحمت علي کي سخت اعتراض هو، جيتوڻيڪ قائداعظم وڏي جدوجهد کان پوءِ اهو ڪٽيل ڦٽيل پاڪستان حاصل ڪيو هو. چوڌري رحمت علي سياستدان کان وڌيڪ هڪ مفڪر هو. 1947ع ۾ سندس منصوبي تي عمل ڪرڻ مشڪل نه، پر ناممڪن هو. تنهن هوندي به اڄ جي ڀارت ۾ مسلمانن سان جيڪو سلوڪ ٿي رهيو آهي، ان جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃي ته ڀارتي مسلمان چوڌري رحمت علي جي فڪر ڏانهن ٻيهر رجوع ڪري سگهن ٿا.چوڌري رحمت علي 1943ع کان 1946ع جي وچ ۾ پاڪستان ۽ بنگستان سميت ڏهن نين مسلم رياستن جو لکيل منصوبو پيش ڪيو. هي سمورو مواد مون تمام غور سان پڙهيو آهي. هن آگره، اودهه ۽ ٻين علائقن جي مسلمانن لاءِ ”حيدرستان“، بهار ۽ اڙيسه جي مسلمانن لاءِ ”فاروقستان“، مڌيه پرديش، ڇتيس ڳڙهه ۽ مهاراشٽرا جي مسلمانن لاءِ ”صديقستان“، راجستان جي مسلمانن لاءِ ”معينستان“، دکن جي مسلمانن لاءِ ”عثمانستان“، مالابار ۽ مدراس جي مسلمانن لاءِ ”ماپلستان“، اوڀر سري لنڪا جي مسلمانن لاءِ ”صفستان“ ۽ اولهه سري لنڪا جي مسلمانن لاءِ ”نثارستان“ جو منصوبو پيش ڪيو. هن سک ڌرم جي پوئلڳن لاءِ هڪ الڳ رياست تجويز ڪئي، جنهن ۾ پٽيالا، نابها ۽ فريد ڪوٽ شامل هئا ۽ ان کي ”سکيا“ يا ”سکستان“ جو نالو ڏنو. جڏهن ته هندن لاءِ ”هندوستان“ به تجويز ڪيو، جنهن ۾ دهلي ۽ جمنا درياهه جي وچ وارا هندو اڪثريتي علائقا شامل هئا.
چوڌري رحمت علي ڏکڻ ايشيا ۾ ڏهن نين مسلم رياستن جي ڪامن ويلٿ قائم ڪري ”اکنڊ ڀارت“ ۽ ”رام راڄ“ جي منصوبن کي ناڪام بڻائڻ چاهيو ٿي. سندس سوچ کي اڄ ڪجهه ماڻهو غير حقيقت پسند ضرور قرار ڏيندا، پر هو اصل ۾ ”اکنڊ ڀارت“ جي منصوبي خلاف مزاحمت ڪري رهيو هو، جنهن جو نقشو اڄ به ڀارتي پارليامينٽ ۾ لڳل آهي.مودي سرڪار آر ايس ايس جي سوچ مطابق پاڪستان ۽ بنگلاديش سميت سڄي ڏکڻ ايشيا تي قبضو ڪري هتان جي مسلمانن، عيسائين ۽ سک ڌرم جي پوئلڳن کي زبردستي هندو بڻائڻ چاهي ٿي. اوهان پاڪستان ۾ نوان صوبا ضرور ٺاهيو، پر دشمن جي منصوبن کان به هوشيار رهو، جيڪو اوهان کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجو فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.